وياج خورن جو ستايل عوام

تحرير: غلام حسين جوڻو

دنيا ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ يا اوڌر تي سامان يا پئسا ڏيڻ جو رواج ازل کان قائم آهي. جيڪو سنڌ ۾ به هلندو پيو اچي، هن وقت ڪير ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. قرض به بنا وياج جي ڪونه ٿو ڏنو وڃي. وياج جو رجحان وڌندو رهي ٿو. جيئن سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ رشوت عروج تي آهي. تيئن وياج خوري به وڌي پئي. ضرورتمندن کي ڪٿان پئسو نه ملڻ جي صورت ۾ اهي وياج خورن ڏانهن رخ ڪن ٿا ۽ مجبوري جو ناجائز فائدو وٺندي وياج جي واڌ جي اهڙي شرح مقرر ڪريو ويٺا آهن.جو غريب ويچارو هميشه لاءِ تڪليفون پيو ڪاٽي ۽ ڪاٺ ۾ پئجيو وڃي. اڳ ۾ اهو ڪم لڪ ڇپ ڪيو ويندو هو ته جيئن ڪنهن کي خبر نه پوي. پر، هاڻ وياج ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڪم سرعام ڪيو پيو وڃي. خلق پئي ڏسي. ميڙئي خير آهي. ڦڪائي ۽ شرمساري به ڪونه ٿي ٿئي ۽ نه وري ڪو ڊپ ڊاءُ ۽ خطرو ٿئي ٿو. ٻنهي ڌرين کي ڪا به پرواهه ڪونه آهي.

ٿوري وقت ۾ اهو لاڙو ايڏو وڌيو آهي جو ڪيترائي ماڻهو جيڪو ڪمائين ٿا، سو وياج خورن جي حوالي ڪريو ڇڏين. تنهن هوندي به سندن جان ڪونه ٿي ڇٽي. ان صورت ۾ هو پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن. ڪي ماڻهو ته ، وياج ڀرڻ ڪري تنگ ٿيو وڃن ٿا ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون. اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ماڻهو وياجين جي آزار کان بچڻ لاءِ خودڪشيون ڪري چڪا اهن. جنهن ڪري سندن وسندڙ گهر ويران ٿي ويا آهن. اوطاقون غير آباد ٿيون آهن. اتي رنگيني ۽ رونق ختم ٿي وئي آهي. خودڪشين جا ، ڪي واقعا اهڙا به ٿيا آهن جو ، والدين پنهنجي ٻچن ٻارن ۽ گهرن ڀاتين کي مارڻ کان پوءِ ، پنهنجو به انت آڻي ڇڏيو آهي. ان ڪري اهڙن واقعن جو منظر قيامت کان گهٽ ڪونه ٿو ٿئي. هونئن ته خودڪشين جا ڪيترائي ڪارڻ ۽ سبب آهن. پر، انهن مان هڪ سبب وياج به آهي. جنهن ڪري خودڪشيون ٿين پيون.

اهو عمل هڪ مهذب قوم کي هر گز ڪونه ٿو جڳائي. اهو، هڪ تهذيب يافته قوم لاءِ وڏو داغ آهي. وياجين جو قرض ايترو ته تيزي سان وڌي ٿو جو ماڻهو سڄي زندگي ڪمائي. پر، لهي نه ٿو سگهي. پنهنجيون ملڪيتون ، گهر ٻار ۽ سمورو سرمايو وڪڻڻ سان به وياج خور ڪونه ٿا ڇڏين. ڪونه ڪو بهانو بنائي هٿرادو انگ ٻڌائي بليڪ ميل ڪندا رهن ٿا. جنهن ڪري اهي هٿرادو انگ اکر پريشان ڪُن ثابت ٿين ٿا. جن جا منفي اثر پئجي رهيا آهن. ايتري قدر خراب اثر پون ٿا جو قرضدار ماڻهو قرضن مان جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجا ٻچا ٻار به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن هر هڪ ماڻهو کي خبر آهي ته ٻچا ڪيترا پيارا هوندا آهن. پر، مجبوري ۾ ڪي ماڻهو اهي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن ته جيئن بيان ڪيل قرض لهي سگهي. مطلب ته ان صورت ۾ غريب ، غريب ترين ٿي رهيو آهي. اڳ ۾ ئي اسان جي ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ آهي. ويتر وياج خورن ، غريبن کي تپائي ڇڏيو آهي. اهو وياج جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رهيو ته ويتر غربت وڌندي پوءِ غربت ئي ماڻهن کي ڏوهه ڪرائڻ تي مجبور ڪري ٿي. امن و امان جي صورتحال بگڙجي وڃي ٿي.

معلوم ٿئي ٿو ته ، جيڪو ماڻهو اڳ ۾ غربت ۾ وقت گذاريندا هئا. انهن ڪجهه سيڙپڪاري ڪري وياج تي پئسا ڏيڻ شروع ڪيا. اهي ان ڪاروبار جي ڪري غربت مان نڪري ، وقت جا امير ترين بڻجي ويا ۽ هاڻ حالت اها آهي جو وياج تي پئسا وٺندڙ انتهائي غريب ٿي رهيا آهن. سندن سموري ڪمائي وياج خورن جي حوالي ٿيو وڃي.

وياجن جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان دشمنيون پيدا ٿي رهيون آهن. جهيڙا وڌن پيا. ڪيترن ئي جهڳڙن جا معاملا نبيرڻ لاءِ عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا اهن. ٻئي ڌريون ڪورٽن جا چڪر ڪاٽين پيون ۽ شنوائيون ڀرينديون رهن ٿيون. سندن عدالتن ۾ ڪافي وقت ضايع ٿي رهيو آهي ۽ ان سان گڏو گڏ پئسو به خرچ ٿئي پيو. مطلب ته ٻئي ڌريون متاثر ٿي رهيون آهن. ڪيسن مان فائدو وري به وڪيلن جو ٿئي پيو. رشوت به ڏني وڃي ٿي. تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري وياج خورن جي هٿان راڄن جا پٽڪا به ڌوڙ ٿين پيا. اها مافيا ڏاڍي مضبوط ۽ سگهاري ٿي وئي آهي. جنهن جي رستي روڪ به ڪونه ٿي ڪئي وڃي. جنهن ڪري ان مافيا جو من وڌندو پيو وڃي. عوام سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن. انهن بليڪ ميلرن جي ٽولي کان عوام کي بچائڻ وقت جي اهم تقاضا آهي.

هتي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته ، هڪ طرف غربت تمام گهڻي آهي ته ٻئي طرف مهانگائي به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. غريب ماڻهو ، پنهنجا گهرو خرچ هلائي نه ٿا سگهن. سندن آمدني جا ذريعا محدود آهن. ڪو مالي واهر ۽ مدد ڪرڻ وارو به ڪونه اٿن. ان صورت ۾ هو مجبور ٿي وياج جي ڳرن شرطن کي قبول ڪري پئسا وٺي رهيا آهن. هو ، اڳ ۾ غريب آهن ويتر وياج جي ڪري سندن حالت خراب ٿيو وڃي. هاڻ هو ، مهانگائي کي منهن ڏين يا وياج جا جهجها پئسا ڀري پنهنجي جان آزاد ڪرائين. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ، ڪن پوليس آفيسرن وياج خورن ۽ گداگرن جي خلاف ڏنڊو کنيو هو. ڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا. پر ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو. ٿوري وقت کان پوءِ ، اها ڪارروائي بند ڪئي ويئي. پوءِ “ساڳيا لاٽون ، ساڳيا چگهه ” جي مصداق وانگر وري ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪو هاڻ اڳئين کان به اڳرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خبر ناهي ته اهي آفيسر ڇو خاموش ٿي ويا؟ سندن ڪهڙيون مجبوريون هيون؟ جنهن ڪري ڄاڻايل ايڪشن کي رد ڪيو ويو. ياد رهي ته وياجين جي ڪري ڳوٺ ۽ ويڙها به غير آباد ٿي رهيا آهن. ماڻهو وياج جا پئسا ادا نه ڪرڻ ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا.

مقصد ته ، سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار تيز ٿيندو پيو. جنهن مان ڪافي نقصان ٿي رهيا آهن. معاشري تي ناڪاري ، خراب ۽ برا اثر پون ٿا. جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. سنڌ جي ساڃاه وندن ، گهڻ گهرن ، سڄڻن ۽ خير خواهن کي ان تي ڳڻتي آهي وياج خوري تي هتان جي حڪومت ۽ انتظاميه به خاموش نظر اچي ٿي. انتظاميه تحرڪ ۾ نه ٿي اچي. خبر ناهي ته ڇو ايئن ڪيو پيو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته وياج جو ڪاروبار ڪندڙن کي سختي سان روڪيو وڃي ته جيئن هو، ان ڪم کان باز اچن. ان سلسلي ۾ قانون سازي جوڙي. ان تي عمل ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪنهن سان ڪا به رعايت ۽ ڇوٽ نه ڏني وڃي. اسلام، وياج خوري جي ڪم کان سختي سان منع ڪري ٿو ۽ روڪي ٿو. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي. جنهن ڪري اهو ڪڌو ڪاروبار هتي هلڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن هن وقت ان ڪم کي روڪيو نه ويو ته اڳتي هلي ان جا تمام خراب نتيجا ظاهر ٿيندا.

 

 

 

ٿوري وقت ۾ اهو لاڙو ايڏو وڌيو آهي جو ڪيترائي ماڻهو جيڪو ڪمائين ٿا، سو وياج خورن جي حوالي ڪريو ڇڏين. تنهن هوندي به سندن جان ڪونه ٿي ڇٽي. ان صورت ۾ هو پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن. ڪي ماڻهو ته وياج ڀرڻ ڪري تنگ ٿيو وڃن ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون. اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ماڻهو وياجين جي آزار کان بچڻ لاءِ خودڪشيون ڪري چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.