فلسطينين لاءِ پناھ جي جاءِ کٽي وئي …

غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ھلندڙ جنگ ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نھ پيو اچي تھ ٻئي پاسي وري گھيري ۾ آيل بي وس ماڻھن مٿان اسرائيل جا حملا تيز ٿي ويا آھن،ٽئي پاسي واري فلسطين جي ماڻھن لاءِ پناھ جي جاءِ بھ کٽي وئي آھي.اسرائيل غزا کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو آھي. جيتوڻيڪ عالمي سطح تي اھي ڪوششون جاري آھن تھ جنگ کي روڪيو وڃي. جنگ بندي جي ڪا بھ ڪوشش ڪامياب نھ ٿي سگھي آھي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن جمعي تي غزا   جي ڪيترن ئي هنڌن تي بمباري ڪئي.غزا   ۾ جنگبندي لاءِ عالمي سفارتي ڪوششن دوران پڻ اسرائيل گھيري ۾ آيل ساحلي پٽي تي حملن ۾ ڪا ڪمي نھ ڪئي آھي. فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم ۽ غزا جي انتظاميه حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي شروعات کان وٺي تاحال غزا   ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي.

گڏيل قومن جي  انساني امداد بابت عملدار مارٽن گريفيٿس مطابق غزا   ۾ فوتين جو تعداد "افسوس ناڪ ۽ شرمناڪ سنگ ميل” پار ڪري  چڪو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪوشش ۾ آھي تھ ڪنھن طرح  غزا   ۾ جاري ھن جنگ ۾ عارضي جنگبندي جو رستو ڳوليو وڃي.اسرائيلي فوج موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزا   ۾ 230 هنڌن تي حملا ڪيا ويا، جنھن  ۾ ھڪ راڪيٽ لانچنگ سائيٽ کي بھ نشانو بڻايو ويو.ٻڌايو پيو وڃي ته زميني فورسز جباليا جي علائقي ڀرسان هڪ اسڪول مان هٿيار هٿ ڪيا آهن.

ياد رهي ته ھي جنگ 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي  حملي کانپوءِ شروع ٿي هئي، جنهن ۾ 11 سئو 40 اسرائيلي شهري مارجي ويا هئا، جن ۾ اڪثريت عام شهرين جي هئي. ان کان سواءِ حماس ويڙهاڪ لڳ ڀڳ  250 ماڻهن کي يرغمال بڻائي کڻي ويا ھئا.حماس جي ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي فوج جي ڪاررواين ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي، جن ۾ 8 هزار ٻار ۽ 6 هزار عورتون شامل آهن.

گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل ڏکڻ غزا   ۾ خان يونس جي هڪ وڏي علائقي جي رهواسين کي اتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته خان يونس واري علائقي ۾  ھڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن پناهه ورتي ھئي.اسرائيل اتر غزا مان ماڻهن کي نڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ لکين ماڻهو ڏکڻ غزا ڏانهن منتقل ٿي ويا پر هاڻي اسرائيل ڏکڻ غزا جي مختلف علائقن ڏانهن پيش قدمي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن موجب انهن بي گهر ماڻهن لاءِ پناهه گاهون گهٽجي رهيون آهن.

ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ بزرگ عورت مارجي وئي. اھو واقعو خميس تي مارون الراس جي علائقي ۾ پيش آيو. واقعي ۾ عورت جو مڙس زخمي ٿي پيو. اسرائيلي فوج موجب اسرائيلي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان ۾ شيعه ويڙهاڪ گروپ حزب الله جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. تازين ڪارروائين ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچنگ سائيٽ کي تباهه ڪيو ويو. حماس پاران 7 آڪٽوبر جي حملي کان وٺي، اسرائيل ۽ لبناني شيعه ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي وچ ۾ وقفي وقفي سان جھڙپون جاري آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.