سنڌ ۾ مضبوط ٿيندڙ پ پ مخالف اتحاد

تحرير: مجيد بلوچ

لياقت جتوئي تحريڪ انصاف مان نااُميد ٿي وري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف جا جھنڊا لاھي جي ڊي اي جا جھنڊا کوڙي ڇڏيا، ان پروگرام ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻ پير صدرالدين شاھ راشدي، غلام مرتضي جتوئي ، ڊاڪٽر صفدر عباسي ، سيد زين شاھ ، سيد غضنفر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي شموليت واري جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي صدر پير صدر الدين شاھ راشدي چيو ته سڀني کي خبر آھي ته ملڪ تي ڏکيو وقت آيل آھي اُن ڏکئي وقت مان عوام سان گڏ اسان به گذري رھيا آھيون اگر اھو وقت لاڳيتو برقرار رھيو ته عوام جيئري ئي قبرن ۾ ھُوندو ڪو به ماڻھو سک جو ساھ  کڻي نه سگھندو عوام کي پنھنجو ذھين. سوچ ۽ رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي حقدار اميدوار کي پنھنجو ووٽ ڏيو ۽ ووٽ وٺندڙ کي ڏسو ته جيئن مستقبل ۾ اوھان جي ووٽ جو صحيح استعمال ٿي سگھي ٿو يا نه ووٽ ڪارڪردگي کي ڏسي پوءِ  ڏيندا ڪيو اسان 30 سالن کان سموري سنڌ ۾ ويا آھيون پنجاب ترقي جي حوالي سان سنڌ کان  اڳتي نڪري ويو اتي جي ماڻھن ۾ شعور آھي اتي سسٽم به صحيح نموني سان ھلي رھي آھي اتي ترقي ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناھي ٿيو ڪرپشن جي عروج آھي دادگيري .حددخليون مارا ماري.ڦر لٽ عروج تي آھي تعليم ناھي صحت  سميت سمورا ادارا تباھ ۽ برباد لڳا پيا آھن عوام اڳتي اچي ، حق سچ جي ڳالهھ ڪندڙ جو ساٿ ڏئي ڪرپشن مافيا خلاف قدم وڌائي سنڌ جنھن لاءِ  اسان جي وڏيون  قربانيون ڏنيون ان کي خوشحال ڪرڻ لاءِ  سوچيو مان لياقت جتوئي جي فيصلي کي بھتر فيصلو سمجھي کيس ڀليڪار ڪريان ٿو سنڌ جي بھتر مستقبل لاءِ  وڌيڪ سٺن ماڻھن کي گڏ ڪري جي ڊي اي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو سنڌ ۾ مافيا خلاف خاموش انقلاب آڻينداسين.

اڳوڻي وڏو وزير لياقت علي جتوئي چيو ته جي ڊي اي قيادت کي ڀليڪار چوان ٿو مان جي ڊي اي ۾ باضابطه طور شموليت جو اعلان ڪريان ٿو 16 سال عوام کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسو ويو آھي پاڻي ، بجلي روڊ رستا ماڻھن کي ناھن مليا. صرف ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس ، زمينن تي قبضا ڪيا ويا مون 16 سال عوام سان گڏجي ھنن سان جنگ ڪئي آھي منھنجي ڪنھن سان به  ذاتي دشمني ناھي صرف نظرياتي اختلاف آھن ھنن سموري سنڌ تباھ ڪئي آھي. مون ڪرپٽ نظام خلاف ڳالھايو آھي منھنجي سياست عوام لاءِ  آھي مان عوام جو ورڪر آھيان ماڻھن جو سودو نه ٿو ڪري سگھان ڏکئي وقت ۾ عوام مون سان بيٺل رھيو آھي مان سلام ڪريان ٿو ھن چيو ته پير صدرالدين شاھ جي خاندان سان اسان جا خانداني واسطا رھيا آھن اسان جنھن سان به گڏ بيٺا آھيون ته نڀائي ڏيکاريو آھي آئون باضابطه طور جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ سنڌ ۾ گھمنداسين ۽ جي ڊي اي جي حڪومت ٺاھينداسين 9 ڊسمبر تي دادو ۾ جلسو ڪري جي ڊي اي جي چونڊ  مھم جي شروعات ڪنداسين ان موقعي تي  جلسي کي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ھاڻي صورتحال تبديل ٿيندي سنڌ ۾ پ پ پ کي اسان مٿان مڙهيو ويو سنڌ جون زمينون ، قدرتي وسيلا ، سمنڊ جي لٽمار ڪئي وئي آھي اسان گھڻو ماٺ ۾ رھياسين ھاڻي ماٺ ڪري ڪو نه ويھنداسين سنڌ ۾ بدترين حڪمراني مڙھي وئي ھنن سنڌ کي لٽيو ، ماڻھن کي ٻوڙايو ، عوام ملڪ کي لٽڻ ۽ ٻوڙائڻ جو حساب وٺي ۽ ووٽ ڏئي جي ڊي اي کي ڪامياب ڪرائي عوام 16 سالن جي ظلم جو حساب وٺي ھنن سنڌ جا وسيلا مرڪز جي حوالي ڪيا اسان احتجاج ڪري انھن  جي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام ڪيو. اسان ظلم خلاف ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھنن سان مھاڏو اٽڪايو آھي اڄ به وطن جي بچاءُ لاءِ  ميدان ۾ آھيون سنڌ کي پ پ پ کان نجات ڏيارينداسين عوام کي دربدر ڪندڙ کان حساب وٺي نئين سنڌ جو توھان سان ملي آغاز ڪنداسين   ميونسپل سميت سمورن ادارن کي بحال ڪرائي انھن کان ڪم  ڪرائينداسين

اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو اعلان سياسي تبديلي آھي زرداري مافيا جو خاتمو ڪنداسين زرداري ھڪ  عوامي وفاقي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏيو زرداري جي قيادت ۾ صرف سنڌ جي تباھي ۽ بربادي ٿي آھي ڪو به شھر سلامت ناھي تعليم تباھ ٿي وئي آھي سنڌ جو بھترين نظام ھيو جنھن کي ھٿ سان ختم ڪيو ويو آھي زرداري پاران ٻوڏ جي تباھي کانپوءِ  ماڻھن کي اعلانيل گھر ملي ناھن سگھيا ٻوڏ لاءِ  آيل اربين روپين جي امداد ھڙپ ڪئي وئي آھي.تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي چيو ته لياقت جتوئي کي جي ڊي اي ۾ شموليت تي ڀليڪار چئون ٿا اسان جو ھڪ ئي گھر آھي ماضي ۾ به اسان گڏجي سياست ڪئي آھي اسان جا وڏا بمبئي ۾ اسيمبلي ۾ گڏ رھيا اسان پ پ پ ان ڪري ڇڏي جو  اسان جو نظرياتي اختلاف ھو اسان ڏٺو ته جن ماڻھن ضيا جي دور ۾ قربانيون ڏنيون ڪوڙا کاڌا انھن کي نظر انداز ڪيو ويو اسان پ پ پ ۾ ڏکئي وقت ۾ وزارتون ٺڪرائي پ پ پ سان گڏ رھيا ھئاسين اسان پير صاحب سان گڏجي پ پ پ مخالف سياست ۽ اتحادن ۾ گڏ آھيون ۽ حق ، سچ جي سياست ۾ گڏ هونداسين اسان جو مقصد سنڌ جي ماڻھن کي ڏاڍا .ظلم ۽ بربيت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آھي سنڌ سان جيڪو حشر ھن وقت آھي اھو ارغونن جي دور ۾ به نه ھو اسان جي ھر اداري ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آھي پئسن کان سواءِ  ڪو ڪم نه پيو ٿئي نوڪريون صرف پئسن تي ڏنيون ويون آھن پ پ پ وارا پھريان پيسا وٺي پوءِ  ئي ڪنھن جو ڪم ڪندا آھن پئسن کان سواءِ  ڪنھن جو به ڪم نه ٿا ڪن ھنن سنڌ کي نيلام گھر ڪري ڇڏيو ھتي ھر شي وڪامي پئي زرداري خاندان وٽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڇا ھيو ھن وقت وٽن ايتري ملڪيت ڪٿان آئي اھو عوام جو پئسو آھي ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي

ميھڙ ۾ لياقت علي جتوئي پاران جي ڊي اي ۾ شموليت واري فيصلي کانپوءِ   دادو ضلعي سميت ٻين علائقن جي مختلف اڳواڻن به جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آھي جن ۾ لاڙڪاڻي لڳ درگاهه جي گادي نشين سيد ديده دل ، سيد فيصل شاهه، وارهه جي عاقل خان چانڊيو،ڪي اين شاهه جي چونڊيل ڪائونسلر سيد محمد حسن شاهه، حبيب الله رند،اڳوڻو ڊي آءِ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اڪبر خان ڀنگوار، دادو مان فاروق ملڪ،اڳوڻو تعلقه ناظم ميھڙ عبدالوحيد ڪلھوڙو ،لاڙڪاڻي جي مشتاق جتوئي،قاضي احمد مان نياز حسين جتوئي شامل آھن اڳوڻي وڏو وزير لياقت علي جتوئي سان گڏ ڀائرن ۾ انجينئر ظفر علي جتوئي ، اڳوڻو ايم پي اي احسان علي جتوئي ، ۽ سندس پٽ اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي ۽ دادو ضلع جي مڪاني چونڊن  ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ضلع ڪائونسل ميمبر رئيس برڪت کوسو ، ضلع ڪائونسل جو اپوزيشن ليڊر برڪت علي جتوئي ، ڪبير خان جتوئي ، رئيس عبدالغني کوسو ، سميت 13 ضلع ڪائونسل ميمبر جڏھن ته دادو ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن اربيلو مھيسر ، شيرزادو جتوئي ، الطاف کوسو ، ظفر علي جتوئي ، ظفر چانڊيو، عبدالرشيد ڪولاچي ، عبدالحفيظ چانڊيو سميت 19 چيئرمينن سميت ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چونڊجي آيل ميمبرن نياز علي ٻرڙو ، اسماعيل بروھي ، عبدالمجيد مھيسر ، مسرور ٻرڙو ، رضوان آڳرو، روشن کوسو سميت 17 ميونسپل  ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ ٽائون ڪاميٽيز جي ميمبرن صداقت سولنگي ، صابر راڌڻ به پي ٽي آئي کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، انکان اڳ ۾ ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي ۾ پي ٽي آءِ جي ورڪرن ، عھديدارن ۽ لياقت علي جتوئي جي ويجھن ساٿين جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ميھڙ ، راڌڻ ، فريدآباد ، خيرپورناٿن شاھ ، دادو جوھي ۽ ٻين تعلقن مان سوين ڪارڪنن عھديدارن ۽ ويجھن ساٿين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ لياقت علي جتوئي پاران جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ بابت راءِ ورتي وئي ان موقعي تي اجلاس ۾ شامل سمورين ساٿين لياقت علي جتوئي تي اعتماد ڪري ساڻس ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار لياقت علي جتوئي حوالي ڪيا ھئا ان موقعي تي انجنيئر ظفر علي جتوئي،ڪريم علي جتوئي، پي ٽي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو ، غلام عباس مھيسر ، صدا حسن چانڊيو ، حيدر بخش تنيو ، امداد لغاري ، عاشق زنئور ، سيد ظفر شاھ، شعبان ملاح ، فقير محمد شيخ ، سردار نور احمد تيوڻو، ڊاڪٽر عبدالحق عباسي ، وڏيرو امجد تنيو، سردار مظھر جھتيال ، نور جتوئي ، محمد علي جتوئي ، شاھد قمر سولنگي، وڏيرو محمد ھاشم ٻرڙو، عبدالفتاح شاه ، زبير سمون ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

جڏھن ته جي ڊي اي اڳواڻن جو ٻيٽو پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ٻيٽو ھائوس تي جي ڊي اي جي جھنڊي جي پرچم  ڪشائي وئي. ٻئي طرف شموليت کان پوءِ  جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاھ راشدي ، لياقت علي جتوئي ، صفدر عباسي ، غلام مرتضي جتوئي، سيد زين شاه گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل چونڊن  ۾ پ پ پ جا اميدوار اسان وٽ ھلي آيا ته اسان ھٿ کڻون ٿا آخري ڏينھن تائين اھا مھم ھلائي نه پيا سگھن اوطاقن ۾ ويھي نه پيا سگھن اھي آخري ڏينھن به ھٿ کڻڻ لاءِ  تيار ھئا ھنن کٽيو ناھي پر نوٽيفڪيشن ذريعي کين کٽايو ويو آھي انھن کي عوام ووٽ ڏنو ئي نه ھو ظالمن جو وقت پورو ٿي چڪو آھي ھنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ھي چونڊ  ٿي رھي آھي جيڪڏهن شفاف چونڊون نه ٿيون ته اسان سپريم ڪورٽ وينداسين ھنن چيو ته سڀني جا ڪارناما لکجن پيا ۽ اسين سموري سنڌ ۾ چونڊ  مھم ھلائي ڪرپٽ ٽولي جو خاتمو آڻينداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.