پاڪستان ۾ چونڊن کان پوءِ جڙندڙ منظرنامي جي حوالي سان مختلف افواهه هلي رهيا آهن. انهن افواهن وسيلي آرمي چيف پاران واشنگٽن آمريڪا ۾ ڏنل بيان جنهن ۾ هن چيو آهي ته لاجسٽڪ سبب چونڊن جي تاريخ اڳتي پوئتي ٿي سگهي ٿي. انهن افواهن وسيلي تمام ماڻهن جنهن جو تعداد 85 سيڪڙو انهن جي راءِ آهي ته ايندڙ چونڊ 8 فيبروتي تي ئي ٿيندي. باقي 15 سيڪڙو ماڻهو جو خيال آهي ته چونڊ 8 فيبروري تي ڪونه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته 15 سيڪڙو ماڻهن آرمي چيف جي ڏنل بيان کي جواز ڄاڻائيندي اهڙي راءِ ڏئي رهيا آهن.
هڪڙي اها ڳالهه به آهي ته چونڊن ۾ ٿيندڙ رڪاوٽون آهستي آهستي ختم ٿي رهيون آهن. چونڊ شيڊول کان پهريان افواهه هلي رهيا هئا ته چونڊ ڪونه ٿيندي ڇاڪاڻ ته شيڊول ڪونه آيو هيو پر جڏهن چونڊ جو شيڊول اچي ويو آهي ته پوءِ انهن افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن وقت آئي ايم ايف به موجوده نگران حڪومت کي قرض جي قسط ڏيڻ کان گهٻرائي رهي آهي. اِهو به وڏو معاشي مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪٿي ڪٿي تڪن جا مسئلا هئا انهن کي به چونڊن ڪميشن حل ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پنجاب ۾ چونڊن بيورو ڪريسي وسيلي ڪرائڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي. ان سان وڏي ڌانڌلي ٿيڻ جو امڪان هو. وڏو مسئلو اهو آهي ته سڀني جماعتن کي چونڊن مهم هلائڻ لاءِ هڪ جيتري ليول پلينگ فيڊل نه پئي ڏني وڃي.
جيڪڏهن چونڊ ٿي به وئي ته اها پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي ڌانڌليءَ وسيلي اقتدار ماڻيندڙ حڪومت هوندي. ۽ پوءِ اها حڪومت ڪنهن پاران ڏنل بيساکين تي بيٺل هوندي ۽ اها ڪنهن به وقت اقتدار جي ڪرسي کان هيٺ ڪري ڦهڪو ڪندي. جيڪا يقينن پوءِ پنج سال ته ڇا پر ٻه سال به مشڪل سان هلي سگهندي.
ڇاڪاڻ ته ان کي عوام جي پذيرائي نه هوندي. بلڪل ائين جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن جو پيسن عيوض ڪم ڪندي ان کي ڪرسيءَ تي ويهاري پنهنجي ذميواري کان آجو ٿي ويندو آهي پوءِ جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ڪرسي کي نه ٿو سنڀالي سگهي ۽ مدي کان اڳ گهر ڀيڙو ٿئي ٿو ته ان ۾ ويهارڻ واري جو ڏوهه نه هوندو آهي.
بهرحال هن وقت ن ليگ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ وڏا وڏا جتن ڪيا پيا وڃن نواز شريف جيڪڏهن وزيراعظم ٿي به ويو ته پوءِ ان خلاف وڏيون وڏيون تحريڪون شروع ٿي وينديون جنهن ۾ بک هڙتالون، ڌرڻا ۽ جلوس شامل هوندا. اهڙيون تحريڪون به شروع ٿي سگهن ٿيون جنهن کي روڪڻ به حڪومت جي وس ۾ نه هوندو. چونڊن ۾ 60 ارب روپيا خرچ ٿي رهيا آهن. جنهن کي پڻ اجايو ضايع ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ بهتر ائين آهي ته ڪا مثبت پلاننگ ڪئي وڃي ۽ ان منصوبانديءَ ۾ تحريڪ انصاف ۽ پي پي کي پڻ شامل ڪيو وڃي.
60 ارب خرچ ڪرڻ باوجود جيڪڏهن ڪا پارٽي چونڊن نتيجا تسليم نه ٿي ڪري ته پوءِ وڏو ڏيوالو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته هڪ پارٽي کي زور زبردستيءَ سان اقتدار ڏنو وڃي، جيڪڏهن عوام لاءِ اها اهل ئي ناهي ته پوءِ ان کي اقتدار ڏيڻ ان بيمار گهوڙي جيان هوندو جنهن کي صحتمند ڪرڻ لاءِ توهان وڏا وڏا جتن به ڪيو پر اهو صحتياب نه ٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته ان جي جان ۾ طاقتور جزا ئي ختم ٿي ويندا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جماعت کي زور زبردستي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان سندس چونڊ نشان بيٽ به کسيو ويو آهي. بليٽ پيپر به ڇپجي ويا آهن. هاڻي وري نئون خرچ ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف کي نشان نه ملڻ سان ملڪ ۾ وڏو سياسي بحران پيدا ٿيندو. لڳي ٿو ته جيڪا پارٽي ڌانڌلي وسيلي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا جتن ڪري رهي آهي آخرڪار پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پوندي. ۽ ن ليگ جو 2 ڏهائي اڪثريت وارو خواب به چڪنا چور ٿيڻو آهي ڌانڌلي وسيلي اقتدار ۾ ايندڙ ن ليگ خلاف ملڪ ۾ وڏا وڏا مظاهرا شروع ٿي ويندا. انهن ڳالهين کان بچڻ لاءِ بهتر آ ته صلاح مشورن کان پوءِ اقتدار ڪنهن پارٽي حوالي ڪيو وڃي. ۽ ان اقتداري پارٽيءَ ۾ ٻيون پارٽيون به حڪومتي ڪارونهوار ۾ شامل هجن. هن وقت نواز شريف ساڳئي انا ۽ تڪبر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. هن وقت پي پي ۽ تحريڪ انصاف کي ليول پلينگ فيڊل نه پئي ڏني وڃي. پي پي ۽ تحريڪ انصاف کي پوئتي ڪندي ن ليگ اڳتي آندو پيو وڃي.
بهرحال چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي خلاف اهڙيون تحريڪون شروع ٿي وينديون جن کي روڪڻ به حڪومت جي وس ۾ نه هوندو. هن وقت جيڪا صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي يا جيڪا ملڪ ۾ چونڊ سروي ٿي رهي آهي ان مان اندازو ٿي رهيو آهي ته خود نواز شريف جو پنهنجي تڪ ۾ وڃڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نواز شريف مٿان وهم ۽ خوف طاري آهي ادارن کي سوچڻ گهرجي ته حالتن کي ان طرف ڄاڻي واڻي نه ڌڪيو وڃي جو پوءِ واپسي به مشڪل ٿي پوي. جنرل ضيا 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو اعلان ته ڪيو پر هو خوف زده هيو ته وري به چونڊن جا نتيجا ذوالفقار علي ڀٽو جي حق ۾ نه اچي وڃن. ان ڪري ضياء اقتدار جي مدي کي ڊيگهه ڏني. ضياء آڏو اسڪرپٽ اهو ته اقتدار کان محروم ٿيندڙ ڀٽو پنهنجي مقبوليت وڃائي ويهندو پر ائين ٿيو ڪونه. جيئن اڄ عمران خان جيل ۾ بند هوندي به ان جي مقبوليت وڌي رهي آهي.
اڄ به عوام جون نظرون آرمي چيف پاران ڏنل بيان تي آهن ته ڪٿي چونڊن جي تاريخ کي اڳتي پوئتي ته نه ڪيو ويندو؟ ۽ چونڊن کان پوءِ جڙندڙ منظر نامو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان ڪري سڀني کي هوش، حواس کان ڪم وٺڻ گهرجي. ته جيئن ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر بهتر معاشي حالتن پٽاندڙ معاشي پٽڙي تي هلي پوي.