ٻي ٽي ٽوئنٽي: نيوزيلينڊ خلاف ويسٽ انڊيز آخري پنجن اوورن ۾ رڪارڊ رنسون ٺاهڻ باوجود ميچ هارائي وئي

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙندي آخري پنج اوورن ۾ رڪارڊ 87 رنسون ٺاهڻ باوجود ميچ هارائي وئي .
آڪلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ مارڪ چيپمين جي جارحاڻي بيٽنگ سبب مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون. چيپمين 28 بالن تي 78 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽِم رابنسن 39 رنسون ۽ ڊيرل مچل 28 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
ويسٽ انڊيز طرفان روسٽن چيِز ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ميٿيو فورڊ، جيسن هولڊر ۽ رومارئيو شيفرڊ هڪ هڪ شڪار ڪيو.
نيوزيلينڊ جي 208 رنسن جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهي سگهي.
رومن پائول 16 بالن تي 45 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو.
رومارئيو شيفرڊ 34، ايلڪ ايٿنز 33 ۽ ميٿيو فورڊ 29 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ جي ايش سوڌي ۽ مچل سينٽنر 3،3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جيڪب ڊفي ۽ ڪائل جيميسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
مارڪ چيپمين کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ٻي ٽي ٽوئنٽي کٽڻ بعد نيوزيلينڊ پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي آهي، پهرين مقابلي ۾ ويسٽ انڊيز 7 رنسن تان ڪاميابي ماڻي هئي، سيريز جي ٽِين ميچ نوَ نومبر آچر ڏينهن نيلسن ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.