بلوچستان جي معاملي کان سواءِ ڪو اهڙو مسئلو ناهي جيڪو پاڪستان ۾ ڪنهن جي سياسي پوزيشن کي واضح ڪندو ھجي. گذريل اربع جي رات اھا ڳالھھ تڏھن وڌيڪ چٽي ٿي جڏهن تربت کان اسلام آباد ويندڙ پرامن، ھٿين خالي مظاهرين جي ھڪ قافلي کي وفاقي گادي واري هنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان زبردستي روڪيو ويو.
گذريل ڪجهھ ھفتن ۾ بلوچ لانگ مارچ حقيقت م ھڪ ھلچل پئدا ڪئي ۽ ھزارين بلوچ عورتن، مردن ۽ ٻارن سان گڏ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن، ٻين ڌرين سان تعلق رکندڙ قومپرستن ۽ عام ماڻھن کي پڻ متحرڪ ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان عورتن جي قيادت ۾ هي قافلو بلوچستان ۽ پوءِ سرائڪي، پختون ۽ پنجابي علائقن مان لنگهيو. اهو جمهوري امنگن جو انتهائي معنيٰ ڀريو اظهار هو ۽ ان ڳالھه جو بھ تھ هاڻوڪن ڏينھن ۾ فيڊريشن ڪھڙي ٿي سگهي ٿي. پوءِ اهي ماڻهو اسلام آباد جي آسپاس پهچي ويا.
مارچ ڪندڙن جا مطالبا بنھھ سادا آهن، پر اها انھن جي سادگي ئي آھي جيڪي اسان تي حڪمراني ڪندڙن لاءِ اڻوڻندڙ آهي. احتجاج ڪندڙ جو مطالبو آھي ته جبري گمشدگين جي وحشياڻي عمل کي ختم ڪيو وڃي، ’انڪائونٽر ڪلنگ‘ جنھن شروعاتي طور تربت ۾ احتجاج کي جنم ڏنو،ان جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ انھن ماڻھن جو احتساب ٿئي جيڪي اھڙي طرح جي سمورن عملن ۾ ملوث آھن. اهي تمام سادڙا مطالبا آهن جن جا اثر گھڻا گھرا ٿي سگهن ٿا.
اهڙن مطالبن ڪرڻ کان ڇو منع ڪيل آهي ۽ خاص طور تي بلوچ نوجوانن لاءِ اهو ڪجھھ بيان ڪرڻ جي ڇو منع ڪيل آهي، جيڪو پاڪستان ۾هرڪو اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو، يعني تھ رياستي اھلڪار اھڙا آهن جيڪي پنهنجي مرضي جا مالڪ آهن ۽ انهن جو احتساب نٿو ڪري سگهجي. جنهن وقت اھو لانگ مارچ جاري هو، ان وقت مکيه ڌارا جون پارٽيون بلوچستان جي اليڪٽيبلز کي گهيرڻ ۾ مصروف هيون. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي تھ سڀني جي نظرن ۾ هو.ھن اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري تي چونڊن جي تاريخ جي تصديق ٿيندي ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. آخر ڪار ھو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
نگران وزيراعظم جو تعلق به بلوچستان سان آهي. لانگ مارچ ڪندڙن تي پرتشدد ڪريڪ ڊائون بعد ٻڌايو ويو ته هن فوري نوٽيس ورتو آھي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به تحويل ۾ ورتل سوين ماڻهن طرفان درخواست داخل ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪئي. ان سان اھو سوال ٿئي ٿو ته آخر ائين ڇو آهي ته بلوچن کي بار بار ظلم جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ۽ انھن جي ڦٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ بعد نالي ماتر تدارڪ ڪيو وڃي ٿو ؟
زبيده مصطفيٰ گذريل هفتي ان منظم جبر جي باري ۾ لکيو ھو.جنھن بنگالين ۾ مسلسل عدم اطمينان کي وڌايو ھو ۽ آخرڪار بنگلاديش جي قيام جو سبب بڻيو. شايد اهڙيون ڳالهيون لکڻ جو سبب اھو ھوندو آھي تھ تاريخ مان سبق سکيو وڃي، پر بلوچستان جو ڪيس اهو واضح ڪري ٿو ته نه رڳو ڪجهه سکيو نھ ويو آهي، بلڪھ رياست هاڻي وڌيڪ عسڪريت جو شڪار آهي.
درحقيقت هن هفتي اسلام آباد جي آسپاس ۾ نظر ايندڙ منظرن شڪ شبھي جي شڪار ماڻھن کي ان ڳالھھ تي وڌيڪ قائل ڪرڻ اڃان بھ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي ته هڪ جمهوري وفاق اڃا به ممڪن آهي، جنهن ۾ بلوچن جهڙيون قومون حقيقي شهريت رکن ٿيون.يقيني طور تي انھن ماڻھن جي روين ۽ عملن کي بيان ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي. جو اسين پراڻي دور جي نوآبادياتي طريقن سان حڪمراني ڪريون ٿا.
مارچ ڪندڙن جو مطالبوھو تھ کين وفاقي راڄڌاني ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽کين انھن جي ڳالھھ چوڻ جي اجازت ڏني وڃي. انھن جي زبان باھ ڀڙڪائڻ واري نھ ھئي.اھا ھڪ التجا واري ٻولي تھ کين ٻڌو وڃي.تاريخي ٽريڪ رڪارڊ کي ڏسندي اھي يقينن گھڻي توقع سان نه آيا ھئا. اھو ئي سبب آھي تھ نوجوان عورتون ۽ مائرون پنڌ ڪري ھن مقام تائين پھتيون ھيون، جيڪو وفاقي علامت سمجهيو وڃي ٿو، اهي رڳو اهو چئي رھيون ھيون تھ انھن کي پرامن احتجاجي ڪيمپ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي،انھن تي لاٺي چارج نه ٿيڻ گھرجي ھا، انهن تي واٽر ڪينن جو استعمال نھ ڪرڻ گھرجي.
ملڪ جي مرڪزي ڌاري کي بھ هاڻوڪين مھينن ۾ انھن مان ڪجهه ھٿ ڪنڊن کي منھن ڏيڻو پيو آھي. خاص طور تي انھن ماڻھن کي جيڪي جيل ۾ بند اڳوڻي وزيراعظم سان پنهنجي وفاداري جو عھد ڪندا رھندا آهن.گھڻن ئي ماڻھن جن ھاڻي جبر جو تجربو ڪيو آھي. اھي پڇن ٿا ته انهن سان ايترو وحشياڻو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي.
سچ ته اهو آهي ته هاڻي انهن سان اهو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪيترن ئي بلوچن ۽ انهن سان يڪجھتي ڪندڙن کي گهڻي عرصي کان برداشت ڪرڻو پيو آھي. ان کي تسليم ڪرڻ واقعي هڪ اھڙي جمهوري جدوجهد جي امڪانن کي وڌائڻ آھي جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ مظلوم کي مرڪزيت حاصل ٿيندي آهي.
اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ تي لانگ مارچ سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان ڪري ان مارچ جي رستي ۾ ٿيندڙ يڪجهتي جي اظھار کي نه وسارڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ جو احتساب اھي سياستدانن نه ڪندا ،جيڪي ان سان گڏ رهڻ چاهين ٿا.آخري اميد اها ئي آهي تھ سمورا ترقي پسند ۽ عام ماڻهو جيڪي گمشدگين ۽ ”انڪائونٽر“ جي نتيجي ۾ مارجندڙ بابت پنھنجي نفرت ڪرڻ جي اظھار جي لاءِ رستن تي نڪري آيا آھن.اھي تسليم ڪري وٺن تھ ھي جدوجهد شايد اڃا به هڪ منصفاڻي ۽ جمهوري مستقبل ڏانهن وٺي ويندي.
گذريل ڪجهھ ھفتن ۾ بلوچ لانگ مارچ حقيقت م ھڪ ھلچل پئدا ڪئي ۽ ھزارين بلوچ عورتن، مردن ۽ ٻارن سان گڏ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن، ٻين ڌرين سان تعلق رکندڙ قومپرستن ۽ عام ماڻھن کي پڻ متحرڪ ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان عورتن جي قيادت ۾ هي قافلو بلوچستان ۽ پوءِ سرائڪي، پختون ۽ پنجابي علائقن مان لنگهيو. اهو جمهوري امنگن جو انتهائي معنيٰ ڀريو اظهار هو ۽ ان ڳالھه جو بھ تھ هاڻوڪن ڏينھن ۾ فيڊريشن ڪھڙي ٿي سگهي ٿي. پوءِ اهي ماڻهو اسلام آباد جي آسپاس پهچي ويا.