چيني چوڻي آھي ته ”جنھن جي ھڪ زبان ناھي، انجو ھڪ چھرو به ناھي ھوندو“ اھا چوڻي مون کي پنھنجي ملڪ جي سڀني اڳواڻن تي ٺھه پهه لڳندي آھي ڇو ته بقول گروچ مارڪس”سياستدان ھڪ اھڙو ماڻھو آھي جيڪو درياھ نه ھوندي به پل ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪندو آھي“ اھو ئي حال اسانجي ملڪ ۾ به آھي جيئن بک مداري کي لڳندي آھي ۽ نچڻو ڀولڙي کي پوندو آھي تيئن پيٽ سياستدانن کي ڀرڻو ھوندو آھي ۽ لوڙڻو عوام کي پوندو آھي .
حضرت عمر فاروق رضه جن جي دور ۾ ھڪ ڀيري ڏڪار پيو جنھن ڪري گيھه ڏاڍو مھانگو ٿي ويو پاڻ ڀاڄي گيھه ۾ ٺھرائيندا ھا پر جڏھن گيھه مھانگو ٿيو ته اھو چئي کائڻ ڇڏي ڏنن ته جيسين عام ماڻھون گيھه نه کائيندا تيسين مان به استعمال نه ڪندس ۽ پاڻ تيل ۾ ٻوڙ ٺھرائڻ لڳا پر کين پيٽ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي پاڻ ماني ٺاھڻ واري کي چيائين ته تيل کي پھرين گھڻو پچاءِ ته جيئن انجي گرمائش ختم ٿي وڃي ۽ پوءِ ڀاڄي ٺاھ پر پوءِ به سندس پيٽ ۾ تڪليف ٿيندي ھئي ته پاڻ چوندا ھئا الله جو قسم جيسين منھنجو عوام گيھه نه وٺي سگھندو تيسين مان به نه وٺندس ڀلي پيٽ ۾ ڪيڏي به تڪليف ٿيندي رھي،
ساڳي طرح عمر بن عبدالعزيز وٽ ھڪ ناياب ھيري جڙيل منڊي ھئي جيڪا عجيب طلسماتي طاقت رکندي ھئي جڏھن سندس ملڪ ۾ ڏڪار پيو ۽ ماڻھون بک مرڻ لڳا پاڻ اھڙا حالات ڏسي ان منڊيءَ جو اھو قيمتي ھيرو وڪڻي ان پئسن مان اَنُ خريد ڪري عوام ۾ ورھائي ڇڏيائون جڏھن سندن ويجھي دوست کي اھا خبر پئي ته ان عمر بن عبدالعزيز کي چيو ته توھان اھو انمول ۽ اڻ لڀ ھيرو وڪڻي ڇڏيو؟ تنھن تي خليفي چيو اھو ھيرو مون کي ڏاڍو وڻندو ھو پر مان اھو ڪيئن پيو گوارا ڪري سگھان ته منھنجو عوام بک مرندو رھي ۽ مان قيمتي ھيرا پائي ويٺو ھجان ڪنھن به حاڪم لاءِ ضروري آھي ته ھُو پنھنجي عوام جو ھر حال ۾ خيال رکي ۽ جڏھن عوام کي ڪا تڪليف ھجي ته پنھنجو آرام به وساري ويھي اھو چوندي خليفي بي اختيار روئي ڏنو.
ھن وقت اسان وٽ مھانگائي ماڻھن کي ايترو مجبور ڪيو آھي جو ٻچن سميت خودڪشيون ڪري رھيا آھن اڻڀي سڻڀي ته ٺھيو وٽن کائڻ لاءِ ماني ئي ناھي پر سياستدانن جون شاھ خرچيون ساڳي طرح جاري وساري آھن نه ته ڪنھن گيھه کائڻ بس ڪيو آھي، نه کين پيٽ ۾ سور پيو آھي نه سندن ھٿن مان ڪا ھڪ به منڊي گھٽ ٿي آھي، نه سندن ڪا پسنديده شي عوام لاءِ نيلام ٿي آھي ۽ نه ئي اکين ۾ ڪڏھن لڙڪ آيا آھن ڇو ته اھي سڀ شيون احساس ۽ ضمير سان تعلق رکن ٿيون جرمن سياستدان جوزف گوئبلز چيو آھي ته ”سياست ۾ ھڪ ڀيرو ڪوڙ ڳالھائجي ته اھو ڪوڙ ھوندو آھي پر اھو ساڳيو ڪوڙ سئو دفعا ڳالھائجي ته اھو سچ ٿي ويندو آھي“ اسانجي ملڪ جي سياستدانن به انھيءَ فارمولي تي عمل ڪرڻ جو حلف کڻي ھر ڀيري سچائيءَ سان پنھنجو ڪندا ٿا رھن ته پوءِ کين بنا گيهھ جي ماني کائڻ يا ھيرا وڪڻڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟؟؟