سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي واضح ۽ سخت حڪمن کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ جون افواهون، خواهشون ۽ ڪوششون دم ٽوڙي ويون آهن ۽ هاڻي مارشل لا لاڳو ڪرڻ کانسواءِ 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڪا رڪاوٽ ناھي رھي، موجوده عسڪري قيادت مارشل لا يا ٽيڪ آوري جو ڪڏھن خيال بھ ناھي آندو ۽ جيڪڏهن ڪو ذڪر ڪري ٿو ته ان کي فوري طور تي خاموش ڪرايو وڃي ٿو.
چونڊون ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سڀ کان طاقتور شخص ۽ پاڪستان جي ٻئي طاقتور ترين شخص ۾ اڳ ۾ ئي اها سوچ موجود ھئي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ گهرجن، ٻئي هڪ ان حوالي سان ھڪ ئي صفحي تي آهن ته نواز شريف کي ماضي ۾ غلط طريقي سان اقتدار کان الڳ ڪيو ويو. جنهن سان سياسي ۽ وڏو معاشي نقصان ٿيو، ٻئي اهو به چاهين ٿا ته ماضي جي غلطين جو ازالو ٿيڻ گھرجي.
چونڊون ملتوي ڪرڻ جون تجويزون طاقتور ترين ماڻهن جي ٻن اهم صلاحڪارن ۽ ٻن نگران شخصيتن پاران سامهون آيون ھيون، انهن تجويزن ۾ چيو ويو ھو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچڻ شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته هي معاشي استحڪام قائم نھ رھندو.
انھن تجويزن ۾ اھا راءِ ڏني وئي ھئي تھ ٻاھرين ملڪن مان جيڪي اربين ڊالر اچي رھيا آھن انھن جو بھتر استعمال نگران ۽ موجوده مقتدرا بهترين نموني ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن سياسي حڪومت اچي وئي ته اهي اربين ڊالر سياسي منصوبن تي اڏائي ڇڏيندي .اهو خيال به ظاھر ڪيو ويو ھو ته فوري اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي فتح کي روڪڻ مشڪل هوندو. مسلم ليگ ن ۽ ملڪ جي ٻين طاقتور ترين شخص سخت ۽ واضح موقف اختيار ڪيو تھ، نھ اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيڻ گهرجي، مون ان افواه سان گڏ اھو بھ لکيو ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدالتي شخصيت التوا واري تجويز کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي ۽ آخر ڪار ائين ئي ٿيو.
ياد رهي ته پنجاب جي تعليم واري وزير چوڌري ممتاز حسين جو هڪ واقعو لکڻ ضروري آهي.چوڌري ممتاز حسين ئي اھو پهريون شخص هو، جنهن پهريون ڀيرو ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ سخت ميرٽ جو نظام قائم ڪيو، اهو ئي نظام اڄ تائين جاري آهي، چوڌري ممتاز حسين مون کي ھڪ ڀيرو فون ڪري پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه تي گھرايو. مان اڃا تازو رپورٽر ٿيو هوس، آئون جلدي اتي پهتس تھ هو آفيس مان اٿيو ۽ مون کي لان ۾ وٺي آيو ته جيئن سندس ڳالھھ رڪارڊ نه ٿي سگهي ۽ پوءِ ٻڌايو ته وڏي وزير مون کي چيو آھي ته ريس ڪورس لاهور ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي. چوڌري ممتاز حسين چيو ته ان هوٽل جي قائم ٿيڻ سان ريس ڪورس پارڪ جي سموري خوبصورتي تباهه ٿي ويندي، منھنجي خواھش آھي تھ تون اھا خبر فائل ڪري ڇڏ، ته ريس ڪورس پارڪ ۾ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهي پئي وڃي.
سو ٻئي ڏينهن ”روزنامھ جنگ“ جي پهرين صفحي تي اها خبر شايع ٿي وئي.توقع موجب ان منصوبي خلاف منفي ردعمل آيو ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي ان تان ھٿ کڻڻو پيو.
ڪڏهن ڪڏهن خبر ڏيندي، افواهون درج ڪندي يا ڪنهن کي بي نقاب ڪرڻ جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ منصوبي کي وقت کان اڳ روڪي ڇڏجي ته جيئن اهو ڪڏهن به تڪميل تائين نھ پھچي. اها صحافت جي طاقت آهي ۽ اسان سڀ صحافي EXPOSE ڪري ڪيتريون ئي غلط، غير آئيني ۽ غير جمهوري عملن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا. چونڊون ملتوي ٿيڻ واري افواھ شايع ڪرڻ جو بھ اھو ئي مقصد ھو، توقع جي عين مطابق ان افواھ جو موثر تدارڪ ٿي ويو.
8 فيبروري جي اليڪشن هاڻي مٿان اچي ڪڙڪي آهي پر سياسي پارٽيون اڃا تائين چوند مهم شروع نه ڪري سگهيون آهن. مسلم ليگ ن ٽڪيٽن جي عمل کي مڪمل ڪري رھي آھي، پر في الحال تحريڪ انصاف بابت ڌنڌ صاف ناهي ٿي سگهي.اهو واضح ناهي ته پي ٽي آءِ طرفان ڪير اليڪشن وڙهي سگھندو ۽ ڪير نه ؟ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي عهديدار عوامي منظر تان غائب آهن، تازو ئي حماد اظهر پنجاب جو صدر بڻايو ويو آهي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته اهي ڪٿي موجود آهي، ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ پنجاب جي صدر جو اهم ڪردار ھوندو آهي،ھن جي غيرموجودگي ۾ اهو ڪم ڪير ڪندو.ان جي ڪنھن کي ڪا خبر نھ آھي.تحريڪ انصاف جو پارلياماني بورڊ ڪھڙو ھوندو، ان جو اجلاس ڪڏهن ٿيندو، ٽڪيٽون وٺندڙ ڪٿي درخواست ڏيندا؟ اهي سڀ سوال آهن جن جو في الحال ڪو جواب نھ پيو ملي .
هاڻي تھ ائين لڳي ٿو ته ماڻهو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون ڏيندا. لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جي حوالي سان اها غير يقيني واري صورتحال چونڊن تائين ائين ئي برقرار رهندي. جنھن سان تحريڪ انصاف لاءِ پنهنجي، ووٽ جي طاقت کي ڀرپور استعمال ڪرڻ مشڪل کان مشڪل تر بڻايو ويندو.هاڻي جڏهن چونڊون ٿيڻ واريون آهن، رياستي ادارا نتيجن جي حوالي سان نوان اندازا لڳائي رهيا آهن، انهن اندازن موجب پنجاب جي 141 سيٽن مان مسلم ليگ ن 80 وڌ کان وڌ کان 90 سيٽون کٽيندي. جڏهن ته اداري جو اندازو آهي ته جيڪڏھن ووٽ گهٽ پيا، تڏھن به ن ليگ 60 کان 70 سيٽون کٽيندي. اهڙي طرح لاهور جي 14 مان 8 سيٽن تي مسلم ليگ ن جي پوزيشن مضبوط آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ 6 سيٽن تي ڏکيائيون پيدا ڪندو.هڪ اداري جو خيال آهي ته ٽڪيٽن جي ورهاست کانپوءِ جڏهن ن ليگ چونڊ مهم لاءِ لھندي ته ٻھراڙين جا اھي ڌڙا جيڪي تحريڪ انصاف کان مايوس هوندا اهي به ن ليگ جو ساٿ ڏيندا، اھڙي طرح سان ايندڙ ڏينھن ۾ نون ليگ جي ووٽ وڌڻ جو امڪان آهي.
تحريڪ انصاف جو شهري ووٽر ڇا ڪندو؟ ان حوالي سان ادارا اڃا تائين ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهن. ڪيترن جو خيال آهي تھ خوف ۽ نااميدي جي ڪري ووٽرن جو وڏو انگ گهرن کان ٻاهر نه نڪرندو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اھا راءِ ڏئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ جا ناراض ووٽر اليڪشن جي انتظار ۾ آهن ۽ ان ڏينهن اھي ووٽر قطارن ۾ ٻاهر نڪرندا ۽ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندا.
اهو خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن پولنگ ريشو 45 کان 50 سيڪڙو رهيو ته ن ليگ کٽي ويندي، پر جيڪڏهن پولنگ جي شرح 60 کان 70 سيڪڙو رهي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پي ٽي آءِ جا نوجوان ووٽر ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ پوءِ شهرن جا نتيجا پي ٽي آءِ جي حق ۾ هوندا.
دنيا ۾ هر چونڊ ڪا نه ڪا تبديلي آڻيندي آهي، 8 فيبروري جي اليڪشن پڻ پاڪستاني سياست ۽ رياست ۾ به تبديلي آڻيندي. اميد رکڻ گهرجي ته چونڊن ۾ اهڙي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي جو چونڊ نتيجا سڀني لاءِ قابل قبول ھجن. نتيجا قبول ھوندا ته ايندڙ حڪومت هلي سگهندي. جي نھ تھ ماضي جيان ڌانڌلي وارا حڪومت تي الزام لڳندا رهندا.
نھ ڪو لاڏلو ھجڻ گھرجي ۽ نھ ئي ڪو ويڳو سڀ هن قوم جا فرزند آهن، سڀني کي برابري ۽ انصاف ملڻ گهرجي.