بلوچستان کان نڪتل لانگ مارچ تي پنجاب پوليس جو تشدد 

ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ھجي ھا تھ اھو سوال ضرور ٿئي ھا تھ ھزارين گم ٿيل بلوچ ڪٿي آھن اھي ڪيڏانھن ويا، انھن کي آسمان کڻي ويو يا زمين کائي وئي ؟ پر قانون جي ڪٿي ڪو تحرڪ ۾ اچي ٿو تھ ان تي عمل ڪرائيندڙ ان کي اڳتي حرڪتن ڪرڻ نٿا ڏين.

بلوچستان ملڪ جو اھڙو حصو رھيو آھي جتي گھڻي وقت کان رياست جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف عام ماڻھون تھ احتجاج ڪري رھيو آھي پر ان تي باقي سموريون ڌريون ۽ ادارا خاموش آھن. تازو احتجاج ڪجھه وقت اڳ شروع ٿيو آھي،اھو لانگ مارچ ڪوئيٽا کان اسلام آباد وڃي رھيو آھي. جيڪو گم ٿيل بلوچن جي بازيابي ۽ عدالت کان مٿاهن  قتلن خلاف لانگ آھي.

ڪوئيٽا کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ بلوچستان مان جنھن بھ شھر مان گذريو اتي ھزارين ماڻھن ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيئي ان مارچ جو حصو ٿي ويا، اھڙي ريت اھو ڪاروان ھلندو جڏھن  ھاڻي ڪوهه سليمان جي دامن مان گذري رهيو آهي. هر علائقي ۽ هر شهر مان هزارين ماڻهون مارچ لاءِ نڪري رهيا آهن. اهي هزارين ماڻهو بلوچستان ۾ جاري ظلم ۽ قتل عام جو خاتمو چاهين ٿامارچ جي  ڊيراغازي خان پهچڻ تي پنجاب پوليس لانگ مارچ ۾ شريڪ عورتن سميت ماڻهن تي  پوليس بيرحماڻو تشدد ڪري ڏنو  ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. جنھن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته ڊيرا غازي خان ۾ بلوچ سياسي ڪارڪنن کي ڳالهين جي بهاني تي غائب ڪيو ويو آھي.وائس فار بلوچ وارن جو وڌيڪ  چوڻ آهي ته بلوچ راڄ ڊيرا غازي خان جي بلوچ چيئرمين عبدالله صالح. بساڪ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آصف بلوچ، معراج خالد، جميل بلوچ ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي پوليس ڳالهين لاءِ گهرائي لاپتا  ڪري ڇڏيو آھي. جن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ھنن جو اھو بھ چوڻ ھو تھ اھڙو عمل پرامن جدوجهد کي تشدد سان روڪڻ جي ڪوشش ھئي.

ھي ڪو پھريون ڀيرو نھ آھي بلوچستان ۾ ھن کان اڳ بھ ائين ٿيندو رھيو آھي ۽ ان خلاف بلوچستان جو عوام احتجاج ڪندو رھيو آھي، پر اھا بھ ھڪ حقيقت آھي تھ ھر وڏي سياسي ڌر بلوچستان جي عوام سان ھمدردي ڪندي ان جو رڳو سياسي فائدو حاصل ڪندي رھي آھي.بلوچستان جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪڏھن بھ ڪوشش نھ ڪئي آھي.جنھن ڪري بلوچستان جو عوام ان سياسي ڌارا ۾ شامل نھ ٿي سگھيو آھي.

بلوچستان جو اصل مسئلو ئي بلوچن جي وسيلن جو حق آھي.جنھن بابت ڪا بھ سياسي جماعت ان معاملي تي سنجيدگي جو مظاھرو نٿي ڪري. ھن وقت جڏھن بلوچ اڳواڻن موجب انھن جا ھزارين ماڻھون گم آھن انھن بابت اختياريون ڪڏھن بھ ڪو چٽو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.ملڪ جي عدليھ ۽قانون لاڳو ڪندڙ ڌرين کي ھن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي،ان جي ابتدا ڪندي ھن وقت پنجاب پوليس پاران اسلام آباد ڏانھن ويندڙ بلوچن جي لانگ مارچ تي تشدد ۽ گرفتاريون ٿيون آھن ان سان ڪئي وڃي.

دنيا ھن وقت ايڪھين صديءِ ۾ داخل ٿي چڪي آھي، سموري دنيا ۾ انساني حقن تي عمل ٿي رھيو آھي ان دور ۾ جڏھن بلوچستان جي ماڻھن کي ملڪ ۾ امتيازي سلوڪ کي منھن ڏيڻو پئي ٿو تھ ان جو سماج ۾ ردعمل ٿيڻ لازمي امر آھي.

…………….

بٺوري جي اسڪولي شاگردن کي تنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو

ميرپور بٺوري ۾ لوفرن جر ٽولي ننڊي عمر جي شاگردن کي بيجا تنگ ڪري رھيا آھن. اھڙي شڪايت ٿاڻي تي بھ ڏني وئي آھي، ان ھوندي بھ ان جو ڪو نتيجو ناھي نڪتو.ان سلسلي ۾ اسڪول جي شاگردن پنھنجي مائٽن سان گڏ احتجاج ڪيو آھي. گورنمنيٽ ھائير سيڪنڊري  اسڪول بٺوري ۾ پڙھندڙ ڳوٺ حاجي لڌو خاصخيلي جي رھواسين اللھ بخش،نوراحمد،قربان ۽ ٻين ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي اھڙي دانھن ڪئي آھي تھ ھنن جا ٻار روز اسڪول پڙھڻ جي لاءِ اچن ٿا، ڳوٺ کان اسڪول ايندي ۽ اسڪول کان واپس ويندي شھر ۽ آسپاس جي لوفرن جا ٽولو ھنن جي ٻارن کي تنگ ڪري ٿو. ھنن جو چوڻ ھو تھ اھو لوفرن جو ٽولو ھنن جي ٻارن کي سنگت رکڻ لاءِ زور ڀري ٿو ۽ انڪار ڪرڻ تي انھن کي  ڌمڪيون ڏئي ٿو.ھنن الزام ھنيو آھي تھ ٽولي جا ڪجھھ ماڻھون غيرقانوني ڪاروبار ۾ پڻ ملوث آھي، انھن جو مھر شاھ چوڪ لڳ منشيات جو اڏو بھ آھي.

سنڌ جي مختلف علائقن مان سماجي مسئلن جون دانھون اينديون رھن ٿيون يا وري اھڙيون خبرون ميڊيا ۾ سامھون اينديون رھن ٿيون،جنھن مان اھو اندازو ڪرڻ گھڻو مشڪل نھ آھي تھ لوفرن ۽ اوباش قسم جي ماڻھن جي سرگرمي وڌي وئي آھي،ھونئن تھ اھو ھڪ سماجي مسئلو آھي پر حد جي انتظاميھ ان ڳالھھ جي پابند آھي تھ اھا عام ماڻھو جي جان مال ۽ عزت جو تحظ ڪري پر جئين تھ قانون جي سرعام لتاڙ ٿي رھي آھي،قانون تي عمل نٿو ٿئي جنھن ڪري بااثر ۽ غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙ ٽولا بھ سرگرم آھن تھ لوفر بھ قانون کان مٿاھان ٿي ويا آھن.

سياسي سماجي ڌرين جو بھ اھو ئي فرض آھي تھ اھي عام ماڻھون کي لوفرن ۽ اوباشن کان تحفظ فراھم ڪن ان سان ئي ھي سماج ھڪ مثبت رخ ۾ اڳيان سفر ڪري سگھي ٿو. سمورين سياسي سماجي ڌرين کي انتظاميھ سان ملي ڪري اھڙين سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي، اھو سڌي ريت سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ جي ھڪ سازش آھي.

اسان  ضلعي سجاول جي ضلعي عملدار ۽ پوليس جي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا تھ ھن سماجي برائي جو نوٽس  وٺندي، اھڙي قسم جي لوفرن کي اھڙين حرڪتن کان روڪيو وڃي جيئن تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد بنا ڪنھن خوف جي پڙھي سگھن. اميد تھ اختياريون ھن سلسلي ۾ شاگردن ۽ انھن جي وارثن سان سھڪار ڪنديون.جئين ھي سماجي مسئلو حل ٿي سگھي ۽ سماج ۾ امڪاني بگاڙ کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.