ٽيلي نار جي وڪري کانپوءِ ايزي پئسا جو مستقبل ڇا هوندو؟ اهم خبر

ٽيلي نار جي وڪري کانپوءِ ايزي پئسا جو مستقبل ڇا هوندو؟ ايزي پئسا طرفان اهم بيان جاري ڪيو ويو آهي.
ايزي پئسا پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ واهپيدارن کي خاطري ڪرائي آهي ته ٽيلي نار جي وڪري جو اثر ايزي پئسا تي نه پوندو، ڇو ته هي ان ڊيل جو حصو ئي ناهي.
ايزي پئسا طرفان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي واهپيدارن کي خاطري ڪرائڻ چاهيون ٿا ته اسان جا آپريشنز متاثر ٿيڻ بنا جاري رهندا، ايزي پئسا ان ڊيل جو حصو ناهي، توهان جا ڊپازٽس مڪمل طور محفوظ آهن، ٽيلي نار جو وڪرو ان تي ڪنهن به قسم سان اثرانداز نه ٿيندو.
ايزي پئسا طرفان بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽيلي نار مائڪرو فنانس بئنڪ ۽ ايزي پئسا هڪ آزاد ادارو آهي، جيڪو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جيان لائسنس يافته آهي، اسان جي واهپيدارن کي درخواست آهي ته اهي افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ اسان تي يقين رکن، اسان توهان جي اعتماد جو قدر ڪيون ٿا، اسان جون خدمتون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهنديون.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي سي ايل ٽيلي نار پاڪستان کي خريد ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.