ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايندڙ عام چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن جي حلف برداري تقريب ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي سائوٿ آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ ٿي.
ڊي سي پاران ايندڙ عام چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسرن طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن کي حلف کڻايو ويو.
ضلعي ڏکڻ جي اي ڊي سيز، اي سيز ۽ مختيارڪارن ريٽرننگ آفيسرن (آر او) طور خدمتن لاءِ حلف کڻي ورتو.
اين اي 239 ڏکڻ جي اي ڊي سي ون سميع الله خان حلف کنيو، جڏهن ته اي سي صدر زارا زاهد پي ايس 109 ڪراچي سائوٿ IV ۽ اي سي گارڊن اسما بتول پي ايس 108 لاءِ حلف ورتو.
اي سي لياري محمد ماجد الطاف به آر او پي ايس 106 ڏکڻ طور حلف کنيو، اي سي آرام باغ ندا سمن پي ايس 107 ۽ اي سي سول لائنز ابوبڪر اين اي 241 لاءِ حلف کڻي ورتو.
ان کان سواءِ مئنيجر حيسڪو دين محمد پاران آر او پي ايس 240 لاءِ حلف ورتو ويو.
You might also like