لاهور (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ ن ليگ جي حڪمت عملي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻجي ڪجهه ڌرين کي پيغام ڏيندو ته پاڪستان ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي.
ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي ٻن سيٽن تان صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ۾ حصو وٺندي.
پارٽي ذريعن موجب مريم نواز پنجاب ۾ وزيراعليٰ بڻجندي، جڏهن ته نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪجهه وقت لاءِ وزيراعظم ان ڪري بڻجندو ته جيئن ڪجهه ماڻهن کي پيغام وڃي ته پاڪستان ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي، توهان ماڻهن تي جيترو به ظلم ڪيو ۽ منهنجي خلاف جيترا به فيصلا ڏنا پر ڏسي ڇڏيو، الله پاڪ مون کي ڪامياب ڪيو ۽ اڄ وري پاڪستان جو وزيراعظم آهيان.
ذريعن موجب نواز شريف هاڻ پوئتي ويهي نگراني ڪرڻ چاهي ٿو.
You might also like