نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، ڪيترائي نوان چهرا شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر وهاب رياض نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وهاب رياض چيو ته 17 رڪني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪپتان شاهين آفريدي، عامر جمال، عباس آفريدي، ابرار احمد، اعظم خان، بابر اعظم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، افتخار احمد، محمد نواز، محمد رضوان، وسيم جونيئر، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، اسامه مير ۽ زمان خان شامل آهن.
هن ٻڌايو ته شاداب خان اسان لاءِ تمام سٺو رانديگر آهي پر بدقسمتي سان انجري سبب هو اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته محمد حارث کي آرام ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته نسيم ۽ حسنين ريڪور ڪيو آهي، نسيم ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ري هيب ڪري رهيو آهي، اسان پي ايس ايل تائين انهن تي لوڊ نٿا وجهڻ چاهيون، اهي پي ايس ايل کيڏندا.
وهاب رياض چيو ته شان مسعود کي اسڪواڊ جو حصو ناهي بڻايو ويو پر هو مستقبل ۾ کيڏي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 12 کان 21 جنوري تائين نيوزيلينڊ ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.