جج آئين ٽوڙيندڙ کي هار پارائيندا آهن ۽ پارليامينٽ ٽٽڻ تي چوندا آهن ٺيڪ ٿيو: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي آئين ٽٽندو آهي ته جج آئين ٽوڙيندڙ کي هار پارائيندا آهن ۽ پارليامينٽ ٽٽندي آهي ته چوندا آهن ٺيڪ ٿيو.
پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته 2017 ۾ ملڪ سٺو هلي رهيو هو، لڳي رهيو هو ته پاڪستان نئين سر تعمير ٿي رهيو آهي، اسان جي پاليسين جي نتيجا نڪري رهيا هئا پر اسان جي حڪومت ختم ڪئي وئي.
هن چيو ته اسان 4 سالن تائين ڊالر کي چُرڻ به نه ڏنو پر جيئن ئي پي ٽي آءِ باني آيو ته ڊالر کي پر لڳي ويا، آر ٽي ايس بند ڪري ان کي کٽرائڻو پيو، سليڪٽڊ شخص کي وزيراعظم بڻايو ويو ته ان ۾ ايم ڪيو ايم جا ووٽ به شامل هئا، افسوس ٿئي ٿو ته اسان ڏسي به چُپ رهندا آهيون.
سندس موجب چيو ويو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل کان ٻاهر نه اچڻ گهرجي نه ته اسان جي محنت ضايع ٿي ويندي، خبر ته پئي اها محنت ڪهڙي هئي؟ قوم کي به خبر پئي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو آئين ٽٽندو آهي ته ججن آئين ٽوڙيندڙ کي هار پارائيندا آهن، پارليامينٽ ٽٽندي آهي ته چوندا آهن ٺيڪ ٿيو، ڀارت يا آمريڪا نه اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.