لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جا قاتل هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا جج هئا پر اڄ کانپوءِ ڪنهن به وزيراعظم سان ائين نه ڪيو ويندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو ويندو آهي عدالت ۾ انصاف لاءِ وڃبو آهي پر اڄ تائين لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرائم سين طور ئي نظر آئي آهي.
هن چيو ته اهو ليڊر جيڪو مسلم امت جو ترجمان هو، اهو هن ئي لاهور ۾ هو، ان ئي سمجهايو ته توهان وٽ تيل آهي، اهو نه رڳو ڪمائي جو ذريعو آهي پر طاقت آهي، فلسطين ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي ظلم ٿي رهيو آهي، ان وقت به ظلم ٿي رهيو هو پر ان وقت ليڊر ڀٽو هو، هن فيصلو ڪيو هو ته جيستائين فلسطينين سان ظلم ٿيندو تيستائين توهان کي تيل نه ڏينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو اميد ته عدالتون ايترا سال گذرڻ کانپوءِ نه رڳو قانون موجب غلطي کي درست ڪنديون پر تاريخ کي به درست ڪنديون، جج رت جا چُٽا ڌوئيندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن وقت سياست ۾ پولورائيزيشن هلي رهي آهي، ڪجهه دير اڳ جڏهن توهان نعريبازي ڪئي ته پويان پي ٽي آءِ جا نعرا لڳا، اسان سياست کي ذاتي دشمني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ خان صاحب جو ان ۾ سڀ کان وڏو ڪردار آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته مان زبردستي جيئي ڀٽو جا نعرا نه هڻائيندس، بس چاهيان ٿو توهان مڃو ته مان به محب وطن آهيان، مان توهان جي سياسي ليڊر سان اختلاف ڪري سگهان ٿو پر ان جي عزت ڪيان ٿو.
You might also like