رونالڊو راند جي ميدان کان ٻاهر به سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو راند جي ميدان ۾ ته سڀني کان اڳتي آهي ئي پر هن ميدان کان ٻاهر به پنهنجي مخالفن کي پوئتي ڇڏيندي هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
پرتگال سان واسطو رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ به پنهنجي مخالفن کي شڪست ڏئي ڇڏي، گوگل تازو پنهنجا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي ان تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ لمحن جي مجموعي جي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي.
گوگل موجب ڪرسٽيانو رونالڊو گوگل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ ايٿليٽ جو اعزاز حاصل ڪيو.
گوگل طرفان اهو اعزاز حاصل ڪرڻ تي رونالڊو انسٽاگرام تي هڪ مختصر وڊيو ڪلپ پوسٽ ڪندي لکيو ته ”گوگل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ ايٿليٽ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي شڪرگذار آهيان“.
واضح رهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي 60 ڪروڙ فالوئرز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون انسان به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.