ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن به سون مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن به سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 400 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 17 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 86 هزار 557 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4 ڊالر واڌ سان 2027 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.