سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي فرنيچر جي خريداري ۾ بي قاعدگين جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي فرنيچر جي خريداري ۾ بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
حڪومت گذريل 3 سالن ۾ فرنيچر جي خريداري جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سربراهي ۾ 4 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا فرنيچر جي خريداري جي جاچ ڪندي.
دستاويز موجب سرڪاري اسڪولن لاءِ هڪ ارب 84 ڪروڙ 78 لک 54 هزار رپين جو فرنيچر خريد ڪيو ويو، تعليم کاتي اسڪولن لاءِ اهو فرنيچر مالي سال 2020 کان 2022 جي وچ ۾ خريد ڪيو.
سيڪنڊري اسڪولن لاءِ به 58 ڪروڙ 36 لک 76 هزار رپين جو فرنيچر خريد ڪيو ويو، جڏهن ته پرائمري اسڪولن لاءِ اهو فرنيچر هڪ ارب 26 ڪروڙ 41 لک 78 هزار رپين ۾ خريد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.