شهرين کان موبائلون کسيندڙ افغاني گروهه گرفتار، جوابدارن جا وڏا انڪشاف

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ شهرين کان موبائل فون کسڻ جون وارداتون ڪندڙ افغان نيٽ ورڪ کي پڪڙيو ويو آهي.
پشاور ۾ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي شهرين کي انهن جي قيمتي موبائل فونز کان محروم ڪندڙ افغان نيٽ ورڪ کي پڪڙي ورتو.
اي ايس پي حيات آباد جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ نيٽ ورڪ جو سربراهه بلال، همت خان، ادريس ۽ راج دار شامل آهن، جن جي قبضي مان ڪروڙين رپيا ماليت جا موبائل فونز برآمد ڪيا ويا.
هن ٻڌايو ته جوابدارن ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، اهي وارداتن کانپوءِ موٽر سائيڪلن جون نمبر پليٽون تبديل ڪري ڇڏيندا هئا.
سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن موبائل فون جي هڪ کيپ افغانستان سمگل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.