اليڪشن ڪميشن جو وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪر جي اسٽيبلشمينٽ بابت صلاحڪار احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته احد چيما کي صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.
اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌايو آهي ته درخواستگذار جي درخواست درست آهي، احم چيما اڳوڻي حڪومت جو حصو رهيو آهي ۽ هو هاڻ به چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.