گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ طارق عزيز شيخ

ياسر قاضي

منهنجي ساڻس واقفيت لڳ ڀڳ گذريل 24 سالن کان آهي. جيتوڻيڪ مون 2002ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ “ريسرچ آفيسر” طور پير پاتو ته سندس نالو اُتي پاڻ کان اڳ رهي ويندڙ هم منصبن طور گھڻو ٻڌڻ ۾ آيو، بلڪه چيئر جي سابق ملازم طور اتي سندس اچ وڃ هجڻ ڪري ساڻس ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو، پر اسانجي پهرين شناسائي ان کان به اڳ 1999ع ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن مون سنڌيءَ جي هڪ ادبي رسالي ۾ سندس هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي ۽ پوءِ کيس ان ڪهاڻيءَ تي ساراهيو به هو. نفسياتي ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن اوهانجي دوستي 7 سال لاڳيتي هلندي رهي، ته پوءِ اها سڄي زندگيءَ تائين توڙ نڀائيندي. اسانجي دوستيءَ کي ته ذري گھٽ چوٿائي صدي ٿيڻ واري آهي، پر مان سوچيندو آهيان ته هو منهنجي ٻي سڄي سنگت کان گھڻو مختلف آهي يا ساڻس منهنجي ويجھڙائپ جي نوعيت سڀني دوستن کان الڳ آهي. هُو منهنجو لڳ ڀڳ هر راز سليندڙ دوست به آهي ته ڀائرن جيان گھر جو ڀاتي به آهي. منهنجو اهو سلڇڻو سنگتي، سنڌ لاءِ هڪ ليکڪ، صحافيءَ، استاد، محقق ۽ ادبي حلقن ۾ سرگرم رهندڙ ساهتي حوالي سان متحرڪ سڃاڻپ رکندڙ طارق عزيز شيخ آهي، جنهنجو اهو منفرد نالو سنڌ جي ثقافت جي مهندار ۽ ادبي، تحقيقي توڙي ثقافتي حوالي سان سنڌ جي بين الاقوامي سڃاڻ بڻيل شخصيت، ممتاز مرزا رکيو هو، جيڪا ڳالهه هن پاڻ طارق جي پهرين ڪتاب ”سُرها ساهه پرينءَ جا“ (شايع: 1994ع) جي بيڪ ٽائيٽل تي راءِ لکندي به ڪئي آهي.

ڪيڏو نه ڀاڳن وارو آهي طارق، جيڪو سنڌ جي سرموڙ صحافي، محقق، موسيقيءَ ۽ سنڌ جي ثقافت جي ماهر نقاد ۽ ليکڪ، شيخ عزيز جي گھر ۾ ڄائو… سال هَو 1971ع… ۽ تاريخ هئي اڄوڪي (19 ڊسمبر) جڏهن هن چاچي حميده عزيز جي هنج ۾ اکيون کوليون. هڪ پاسي شيخ محمّد اسماعيل ۽ شيخ ابراهيم جهڙيون ڀرپور علمي ادبي شخصيتون سندس چاچا… ته ٻئي طرف شيخ عزيز صاحب جو انتهائي ويجھو ادبي حلقو ڄڻ ته سندس ڄائي ڄم کان ئي ساهتي سُونهون… پوءِ ڪيئن نه سندس تربيت ۾ سنڌي ساهت ۽ صحافت جو رنگ شامل هجي. جيڪو رهيو به… حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پيدا ٿيل طارق جَي نه رڳو لهجي ۾ حيدرآبادي سرهاڻ موجود آهي، پر هُو سڀني وصفين حيدرآباد جي هوائن جهڙو دلپزير ۽ صاف سٿرو آهي. جيئن حيدرآباد شهر مان هڪ ئي وقت شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي رهڻي ڪهڻي بَکندِي آهي، تيئن طارق به پنهنجي وضع قطع ۾ جيتوڻيڪ شهري لڳندو آهي، پر ساڻس ڪچهري ڪبي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو رنگُ به سندس شخصيت ۾ ڀرپُور موجود محسوس ٿيندو.

طارق، پيشي جي لحاظ کان ته استاد آهي، پر “پيشن” جي لحاظ کان نج پج صحافي ئي آهي. صحافت ۾ به هن فيلڊ رپورٽنگ کان “انوَيسٽيگيٽِو جرنلزم” تائين، ڊيسڪ تي ايڊيٽوريل پيج ۽ ادبي صفحا ايڊٽ ڪرڻ کان، سب ايڊيٽر طور خبرون ٺاهڻ ۽ سرخيون سجائڻ تائين، ميگزين ايڊٽ ڪرڻ کان منفرد انٽرويو ڪرڻ تائين ادارت جا ته سمورا ڪم ڪيا ئي ڪيا، پر هن اخبار جي سيلز ۽ مارڪيٽنگ جو شعبو به ڪونه ڇڏيو ۽ ان شعبي ۾ به ڪن اخبارن ۾ پورهيو ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ طارق جو سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن، رسالن ۽ اشاعتي ادارن سان مختلف ذميواريون انجام ڏيڻ جي حوالي سان واسطو رهيو، پر ”عوامي آواز“ جي اوائلي دؤر کان سندس هن اداري سان وابستگي هڪ گھر جيان رهي آهي، جتي هو پروف ريڊر کان وٺي، اسٽاف رپورٽر، سب ايڊيٽر ۽ مختلف صفحن جي انچارج تائين ڪيئي سال مختلف ذميواريون نڀاهيندو رهيو آهي. ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ طارق عزيز، مٿي ذڪر ڪيل سندس پهرين ڪتاب کانپوءِ هن ڪمال ڄامڙي سان گڏ “شاهه لطيف ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جا شاعر” جي عنوان سان تحقيقي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پنجابي، سرائڪي، پشتو ۽ بلوچيءَ جي عظيم شاعرن جي ڪلام سان تقابلي جائزو ورتو ويو هو. هي ڪتاب شاهه لطيف چيئر پاران ڇاپيو ويو. ان کان سواءِ هن چيئر پاران ترتيب ڏني ويندڙ “سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت” ۾ پڻ اهم تحقيقي ڪم انجام ڏنو، جنهنجي محققن ۾ شامل ٿيڻ جو مونکي پڻ اعزاز حاصل ٿيو. طارق جي مقبول ترين ڪتابن ۾ 1999ع ۾ ‘سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو’ سرِفهرست آهي، جنهن کي پڙهي اڻ ڳڻيا مقابلي جو امتحان ڏيندڙ ۽ ڪميشن جي ٻين امتحانن ۾ ويهندڙ رهنمائي ماڻي ڪامياب ٿيا ۽ ٿيندا رهن ٿا، جنهن جا متعدد ڇاپا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. شاگردن جي رهنمائيءَ جي حوالي سان نائين، ڏهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ خاص طور لکيل سندس رهنما ڪتاب ‘مھراڻ جا موتي’ جا پڻ ٻه جلد 2002ع ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ “ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو” جي عنوان سان سندس لکيل ايم. فِل. جو تحقيقي مقالو پڻ ڇپجڻ جو منتظر آهي. گڏوگڏ مون کيس مختلف شخصيتن تي لکيل پروفائيل گڏ ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو آهي، جيڪي هو ترتيب ڏئي رهيو آهي. اميد ته اهي پروفائيل به جلد ڪتابي صورت ۾ منظرِ عام تي ايندا.

ڪالم نويس ۽ مضمون نگار طور طارق جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هُو سنڌي ساهت، تحقيق، تدريس توڙي سماجي شعبن سان تعلق رکندڙ اهڙين شخصيتن جي مرتين جي ڏهاڙن تي خاص ليک لکي شايع ڪندو آهي، جن جو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ انتهائي اهم ۽ ڳڻائڻ جوڳو ڪم رهيو هوندو آهي. ان ڏس ۾ سندس خاص خوبي اها آهي ته هو انهن شخصيتن کي خاص طور تي ياد ڪندو آهي، جن کي سڄي سال ۾ ٻيو ڪو به ياد ناهي ڪندو. ان جا ٻه تازا مثالَ ويجھڙ ۾ سندس غلام محمّد شاهواڻيءَ ۽ ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل جي ورسين تي لکيل ۽ شايع ٿيل مضمون آهن، جن ٻنهي جي ادبي ڪارنامن جي حوالي سان سرسري طور ته هر سنڌ واسي ڄاڻي ٿو، پر انهن بابت لکيو گھٽ ٿو وڃي.

پيشي جي لحاظ کان طارق عزيز هڪ استاد آهي ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ نه رڳو “ايسوسيئيٽ پروفيسر” طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، بلڪه اتي آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊِين پڻ آهي. طارق هڪ سٺو ليکڪ، ڪالم نويس، صحافي ۽ استاد ته آهي ئي، پر هڪ انتهائي اُجري دل رکندڙ انسان پڻ آهي. مان نٿو سمجھان ته هن جي ذات مان ڪنهنکي ذري برابر به ڪڏهن ڪو نقصان پهتو هوندو. هو ڪنهنجي خامين بابت به نيڪ گمان رکڻ وارو، معصوم دل جو مالڪ هڏڏوکي انسان آهي، جنهنجي دل ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لکيل سٽ جي  ڳوڙهائيءَ ۽ ڳنڀيرتا تي پل اندر اداس به ٿي ويندي آهي ته سندس اک ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي ڳايل ڪنهن پُر سوز سِٽَ جي گهرائيءَ تي آلي به ٿي ويندي آهي. اهڙي حساس طبيعت رکندڙ طارق وري پنهنجي شخصيت ۾ مزاح جي حِس به ان حد تائين رکندڙ آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جملي ۾ موجود ڪنهن هڪ لفظ تي نزاڪت سان زور ڏئي يا ڪنهن سچُوئيشن مان مزاح جو نڪتو ڪڍي محفل ۾ ويٺلن کي ٽهڪ ڏيارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي.

ان معصوم دل وارَي منهنجي دوست طارقَ، پنهنجي جيون ۾ جھولا به کوڙ سارا سَٺا آهن، جن سانحن ۾ گذريل پنجن سالن ۾ جتي سندس دوستن جهڙي والد ۽ صحافتي توڙي ادبي سونهي ۽ سنڌ جي انتهائي اهم صحافيءَ شيخ عزيز صاحب جو وڇوڙو به شامل آهي، ته اتي ئي سندس جوان نياڻيءَ جو جيءُ جھوريندڙ وڇوڙو به سندس دل تي لڳل ڪڏهن به نه ڀرجڻ جهڙي گھاءَ جيان موجود آهي. ان جي باوجود به طارق سان جڏهن به ملبو آهي، ته زندگيءَ سان پيار ٿي ويندو آهي ۽ مرڪي جيئڻ جو اتساهه ملندو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.