چونڊن سان جمھوريت مضبوط ٿي سگھندي ؟

سياسي جماعتون تھ چونڊن واري بي رونق ميلي ۾  ڪجهھ سرگرميون ڪري رھيون آھن،پر اسٽيبلشمينٽ جي حلقي مان آيل خبرون ڪي بھتر نھ آھن.جنھن مان  ھڪ اھا آھي تھ ڪوشش ڪئي ويندي تھ چونڊن ۾ دير ڪرائي وڃي،جنھن جا ڪجهھ اشارا ڪجھھ ڏينھن کان ملي رھيا آھن.ٻيو بندوبست اھو ڪيو پيو وڃي تھ ٽنھي وڏين سياسي جماعتن مان ڪنھن ٻن وٽ چونڊيل نمائندن جو ايترو انگ نھ ھجي جو اھي ٻھ گڏجي ڪري بھ سادي اڪثريت ۾ ٿي وڃن.جنھن جو مطلب ھي آھي تھ انھن مان ڪنھن بھ جماعت کي  45 کان 55 سيٽون وڌ ۾ وڌ ملي سگھنديون.

ھي آھن تھ عام چونڊون ۽ ان ۾ عوام جنھن کي ووٽ ڏئي ڪري ڪامياب ڪري ان کي اقتدار ڏنو وڃي پر پاڪستان ۾ سياست کي مينيج ڪرڻ يا وري سياست ۾ سڌي توڙي اڻسڌي مداخلت جو رواج گھڻو پراڻو آھي.ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ ھن ڀيري چونڊن واري ھن راند جا نتيجا اڳي کان گھڻا مختلف ۽ حيران ڪندڙ ھوندا.

ملڪ ۾ ڳچ عرصو سياست بندش ۾ رھي آھي جنھن بعد اھا اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان اڳتي وڌندي رھي آھي ۽ ان دوران سياستدانن بھ مزا ماڻيا آھن ان ڪري ھاڻي سياست جو عام تصور مثبت بدران منفي جڙي پيو آھي.جنھن کي ھر وقت اسٽيبلشمينٽ ھٿي بھ ڏني آھي ٻئي پاسي وري ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن جي اندر  عملي طور تي اھڙو جمھوري ماحول نھ آھي،جنھن سان ھر ڪارڪن کي اصولن ۽ قاعدن جو سبق پڙھايو ويو ھجي، ان ڪري ھي ٽين دنيا جي  ھڪ غريب ملڪ جي قدر وڌيڪ مذھبي لاڙي واري سماج مان اڀريل سياست آھي.جنھن کي وري اسٽيبلشمنيٽ وقت بوقت ورائيندي ڦيرائيندي ڪنھن کي ڊاھيندي ڪنھن جوڙيندي اڳتي آندو آھي.

عوام پاران بھتر موٽ نھ ملڻ ۽ ڪنھن بھ بيانئي کي مڃتا نھ ملڻ بعد مسلم ليگ ن نوان نعرا ڏئي رھي آھي.ھڪ طرف اقتدار ملڻ کانپوءِ ملڪي خوشحالي جون دعوائون ۽ ٻئي طرف اصرار آهي ته مسلم ليگ (ن)نھ رڳو  اقتدار حاصل ڪرڻ  چاهي ٿي پر احتساب کي اهميت ڏئي ٿي. وضاحت ڪندي چيو ويو ته ” ٻين کي چور چوندڙ پاڻ وڏو چور نڪتو“  ان سلسلي ۾ القادر ڪيس جو بھ حوالو ڏنو ويو.

نواز شريف  چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو خواهشمند آهي. کيس ڪيسن ۾ رعايتون ملي رهيون آهن.مٿن خاص مھربانيون ڪيون پيون وڃن.جڏھن تھ نوازشريف جي،ملڪ موٽڻ کان اڳ جي موقف ۽ ان بعد اچڻ لاءِ اختيار ڪيل موقف کي ڦيرايو ھو. ھاڻي ھڪ ڀيرو وري عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي لاءِ ڳالھھ ڪري رھيو آھي.

ملڪ ۾ چونڊ نتيجن جي روشنيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) جي سياسي طاقت ۽ امڪاني حڪومت سازي جي حوالي سان ظاهري ۽ لڪيل حمايت بابت عوام جي راءِ مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته ان ۾ عدليھ رڪاوٽ نه بڻجندي.

نواز شريف يا مسلم ليگ (ن) جا اعلان ڳجهين رٿائن جي ابتڙ آهن،اھو رسمي يا رواجي بيان ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ جو عملي ميدان ۾ ٿيندڙ چرپر مان سندس بيانن سان ھن وقت تائين ڪا مطابقت نظر نٿي اچي.

ميان نوازشريف وري بھ احتساب جي نالي ۾ عمران خان کي نشانو بڻائي رھيو آھي،جنھن سان ممڪن آھي تھ سندس خيال ھجي تھ عوام مان موٽ ملندي پر نتيجو ان جي ابتڙ اچي رھيو آھي.

ھن وقت ملڪ جي سياسي ميدان ۾ ٿيندڙ چر پر مان اھو اندازو ڪرڻ گھڻو مشڪل نظر اچي ٿو.ان ڪري ڪنھن بابت بھ ڪا اڳڪٿي ڪو بھ نٿو ڪري سگھي. ان ھوندي بھ جيڪڏھن اڻڌري چونڊ ٿئي ٿي يا وري ھر ڌر کي ھڪجھڙو موقعو ملي ٿو تھ پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت سڀني کان وڌيڪ نظر اچي رھي آھي.پر ھن وقت تائين جي حالتن مان ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ.کي کليل ميدان ملي اھو گھڻو مشڪل آھي.

نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش ۾ ساڳي اسٽريٽجڪ غلطي ڪري رهيو آهي. عام شهري کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جيڪڏهن نواز شريف کي ’ڪنگ ميڪر‘ ٿيڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ته پوءِ هو پاڻ ئي اقتدار جي تخت تي ويهڻ چاهي ٿو ۽ توهان پنهنجي هڪ ساٿي کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪري سياسي مخالفن جي الزامن کي رد ڇو نٿو ڪري سگهي؟ اهڙي طرح هو 2017ع ۾ پنهنجي حڪومت خلاف سازش ۾ ملوث جنرلن ۽ ججن جي احتساب جي ڳالهه ڪندو هو. هن تازي تقرير ۾ احتساب جو جيڪو اندازو لڳايو آهي، ان ۾ رڳو عمران خان کي سزا ملڻ جي ضرورت آهي. عام طور تي، ان کي انتقام سڏيو ويندو، احتساب نه.

نواز شريف پارٽي جي پارلياماني بورڊ کي خطاب ڪندي عمران خان کي مها چور قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته هو عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، اقتدار سندس مقصد ناهي. بلڪه، احتساب سندن تمنا آهي. ان بيان کي مسلم ليگ (ن) جو سياسي منشور سمجهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عام مفروضن جي برعڪس (پر سندس بيانن ۾ ڪيل دعوائن جي مطابق) نواز شريف جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ سمورين سياسي پارٽين جن ۾ مسلم ليگ (ن) به شامل آهي. تحريڪ انصاف قومي تعمير جي مقصد لاءِ پارٽين سان مفاهمتي رويو اختيار ڪري ورتو آھي.

پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ ڪي پي ڪي ۾ جلسا ڪري رھي آھي.ھن وقت سڀني کان وڌيڪ سخت تنقيد پيپلزپارٽي ئي مسلم ليگ ن تي ڪري رھي آھي. پر رڳو ڪجهھ وقت اڳ تائين اھو تاثر ھو تھ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ھر صوبي مان ننڍين جماعتن جو سٿ ملندو، پر اوچتو سياسي منظر نامي ۾ آيل ڦيري بعد ھاڻي ”لاڏلي“ واري ٽڪلي مسلم ليگ ن مٿان چنبڙي وئي آھي.

ملڪ جي حالتن جي گھرج آھي تھ سموريون سياسي جماعتون گڏجي ڪري عملي ۽ حقيقي بنيادن تي جمھوريت جي بنياد کي سگھارو ڪن.جنھن سان ملڪ ۾ جمھوريت ۽ جمھوري ادار مضبوط ٿين پر سياسي جماعتن جي ڇڙوڇڙ ھئڻ  سان اھو ممڪن نظر نھ پيو اچي.جڏھن تھ اصل سوال ئي ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو آھي جنھن جو جواب غائب آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.