فهميده رياض ڪمزور عورتن کي همت ۽ مزاحمت ڪرڻ جو رستو ڏنو: مھتاب اڪبر

ڪراچي (رپورٽ : ذوالفقار راڄپر ) اردو ٻولي جي عورتن جي آواز اٿارڻ واري مزاحمتي ترقي پسند شاعره فهميده رياض جي ياد ۾ ڪراچي پريس  ڪلب جي ادبي ڪميٽي پاران هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر مھتاب اڪبر راشدي چيو ته فهميده رياض اردو شاعري جي بلندين تي پهتل عورتن جي دٻيل آواز خلاف عورت زاد مزاحمتي شاعره آهي، هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڪمزور عورتن کي همت ۽ مزاحمت ڪرڻ جو رستو ڏنو. صحافي ۽ ليکڪ مجاهد بريلوي چيو ته فهميده رياض جن عورتن جي مسئلي تي شاعري ڪئي، اڄ به عورتن جي ترقي ۽ آزادي آڏو اهي رڪاوٽون موجود آهن، هو سوچيندي، لکندي ۽ پريشان به رهندي هئي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته فهميده رياض عورتن جي حقن جو اردو ادب ۾ وڏو مزاحمتي ڪردار رهيو آهي. ليکڪا عطيه دائود چيو ته فهميده رياض جي ايندڙ نسل سڃاڻپ سندس تحريرن وسيلي ڪندو، هن عورتن خلاف چپ سبيل معاشري جي سمورن اصولن ۽ چالو ڳالهين کي ٽوڙي عورت جي ڪمتري وارين ڳالهين کي رد ڪندي ان کي برتر ڪري پيش ڪيو. پروگرام ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻ عائشه لاڙڪ فهميده رياض جي شاعري ٻڌائي، جڏهن ته شيما ڪرناڻي ۽ ماهين بلوچ گروپ جي ڇوڪرين فهميده رياض جي انقلابي شاعري تي ٽيبلوز پيش ڪيا. پروگرام ۾ مشهور ماهر نفسيات ڊاڪٽر هارون احمد، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي شهناز راهوجو، مهناز رحمان، انور سن راءِ ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.