طاقتور طبقو ڄاڻي ٿو ته هو قانون جي پڪڙ ۾ نه ايندا: احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته طاقتور طبقو ڄاڻي ٿو ته هو قانون جي پڪڙ  ۾ نه ايندا.  ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد احمد شاهه چيو ته هو سمورا مسئلا سنڌ جي وڏي وزير تائين پهچائيندو ۽ کيس ٻڌائيندو ته قانون تي عمل نه پيو ٿئي. هن چيو ته هو سمورن معاملن تي آءِ جي ۽ گهرو وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندا. نگران اطلاعات واري وزير سنڌ وڌيڪ چيو ته 50 ڏينهن لاءِ اسان وٽ سمورا اختيار آهن، ڪنهن کي به برطرف نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان سڀني ماڻهن کي ضابطن تي عمل ڪرڻ جو پابند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.