ڪراچي (رپورٽر) ڏھ ڊسمبر انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي تي آفتاب بروهي جي بازيابي لاءِ مظاهروتفصيل موجب ڪراچي مان اڍائي مهينا اڳ سرجاني پوليس طرفان آفتاب بروهي کي کنڀي گم ڪري ڇڏڻ ۽ ظاهر نه ڪرڻ خلاف نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي طرفان نئين ڪراچي ۾ انڊس پريس ڪلب ۽ ڪراچي پريس آڏو ممتاز بروهي جي اڳواڻي ۾ ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويامظاهرو ڪندي قومپرست اڳواڻ ممتاز بروهي چيو ته سرجاڻي ٿاڻي جي ايس آءِ او طارق خالد منهنجي ننڍي پٽ آفتاب بروهي کي گذريل اڍائي مهينن کان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ايس آءِ او طارق خالد تعصب جي بنياد تي اسان خلاف مسلسل انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آھي ممتاز بروهي وڌيڪ چيو ته نئين ڪراچي ۽ سرجاني ٽائون جي سنڌي وسندين ۽ سنڌي ماڻھن جي قانوني واهر ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جو حلف يافتا سب انسپيڪٽر طارق خالد مسلسل سنڌين کي بيدخل ڪرڻ ڪاڻ ڪاروايون ڪري رهيو آھي