پشاور ( م ڊ ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ملڪي سياست تي ٻن خاندانن جي اجارداري آهي، ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت لاڏلي يا سپر لاڏلي جي نه عوام جي هوندي. پشاور ۾ جماعت اسلامي جي سوشل ميڊيا ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان ۾ 19 ڪروڙ ماڻهو موبائل فون استعمال ڪري رهيا آهن، ذاتي ۽ خانداني مشهوري بدران سوشل ميڊيا کي روشن پاڪستان لاءِ استعمال ڪندا. هن چيو ته ملڪ جي سياست تي ٻن خاندانن قبضو رهيو آهي، ٻن خاندانن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا انهن ٻن خاندانن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن خاندانن جي سياست عوام لاءِ زهر آهي، قومي اسيمبلي ۾ غريب عوام لاءِ ڪڏهن به قانون سازي ناهي ڪئي وئي. بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪندي سراج الحق چيو ته بلاول ڀٽو چوي ٿو مون کي وزيراعظم بڻايو ملڪ کي ترقي ڏيارينداسين، الله اسان کي سنڌ جهڙي ترقي کان بچائي، بلاول اڃا تائين سنڌ کي ٺيڪ نه ڪري سگهيو آهي.