راڄوخاناڻي لڳ شڪار تي آيل نوجوان گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

راڄوخاناڻي  (رپورٽ : امداد علي نظاماڻي)  ٽنڊوغلام علي لڳ ٻڊوقمبراڻي   ۾ شڪار تي آيل نوجوان اوچتو بندوق جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي  پيو. زخمي 27 ورهين جي تلھار واسي کيرو پٽ شيمون ڪولھي حيدرآباد ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽر موجب فوتي کي بندوق جي ڪارتوس جا ويجھي کان ڇيرا لڳل آھن. رت گھڻو وھڻ سبب فوت ٿي ويو آھي. واقعي بابت پوليس حد جو تعين ڪندي رھي پھرين ٻڍو قمبراڻي بعد ۾ ڏيئي جي حد ظاھر ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ آھي ته فوتي پنھنجي زميندار ساجد چانگ سان گڏ ھو ۽ اتفاقي واقعو پيش آيو آھي،  پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته گولي ڪيئن لڳي، جاچ ڪيون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.