عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ بعد ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ ) عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ هلندڙ مهيني جي وچ ۾ پيٽرول توڙي ڊيزل جي اگهن ۾  گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي 16 ڊسمبر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 13 روپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 روپين جي گهٽتائي جو امڪان آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 ڏهائي 49 ڊالر في بيرل لاٿ ٿي آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ اندر تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.