”ڊانڊرس قيدي “ ضيا آمر دور جي تاريخ جو هڪ باب آهي:صحافي دانشور

ڪراچي (رپورٽر) ايڊووڪيٽ شبير شر جي ڊائري ”ڊانڊرس قيدي“  ضيا آمر جي دور جو هڪ باب آهي، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه به آهي ۽ آمريت خلاف قربانيون ڏيندڙن جي تاريخ به آهي، وڪيل شبير شر جي  لکيل ” ڊانڊرس قيدي “  نالي سان ڊائري جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي  ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو  ته اختلاف گهر ڀاتين ۾ به ٿيندا آهن، انهن تي ڳالهائڻ بدران ڊائري کي نظرياتي پاسن کان ڏسڻ گهرجي. نامياري صحافي مظهر عباس چيو ته ڪتابن ۾ ذاتي اختلافن کي لکڻ يا شخصيتن کي لوئڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اصل ڳالهه قربانين جي تاريخ آهي. اڳوڻي کاٻي ڌر جي اڳواڻ امداد چانڊئي جو چوڻ هو ته ڪتاب ۾ ڪجهه واقعا ۽ حوالا درست نه آهن، انهن کي درست ڪري ايندڙ ڇاپي ۾ شايع ڪيو وڃي، اڳوڻي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽  شبير سر سان گڏ جيل گهاريندڙ ڪامريڊ ڪمال وارثي چيو ته منهنجي حوالي سان هڪ لکيل ڳالهه درست نه آهي، ان هوندي به مجموعي طور شبير شر جيل جون يادگيريون لکي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيوآهي، ڇو ته ڪتاب تاريخ جو هڪ حصو آهي. ميڊم  حميده گهانگهرو چيو ته ڪتاب  پڙهندي مون کي منهنجو عظيم ماضي ياد اچي وڃي ٿو. شبير شر جو ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ هڪ دور جي تاريخ آهي، ڪتاب جي ليکڪ شبير چيو ته جيل ۾لکيل ڊائري سان شايع ٿيڻ تائين وڏيون وارتائون ٿيون آهن، هڪ ته چڱو خاصو مواد جيل ۾ گم ٿي ويو، وري جيڪو مواد ڇپائي کان اڳ نظرثاني لاءِ جنهن ڪامريڊ کي موڪليو ان کان به گم ٿي ويو، شڪر آهي ته مون وٽ فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي جنهن ڪري ڪتاب شايع ٿي سگهيو، ڪتاب ڇپائي کان اڳ جن ڪامريڊ دوستن کي ڏيکاريو انهن به نشاندهي يا درستي نه ڪئي، ڪتاب جي مهورتي تقريب جو انتظام پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو ڪيو، تقريب کي نامياري صحافي مجاهد بريلوي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، و جاهت جاگيراڻي، محمد خان سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي ڪامريڊ ورثا پيرزادو، جسونت سنگهه، ڪائنات انصاري، شهنشاهه شر ۽ ٻين آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. پروگرام ۾ ڪامريڊ عبدالخالق زدران، غلام اڪبر، واحد بلوچ، زلف پيرزادو، زرار پيرزادو، امر پيرزادو، مسرور پيرزادو، سرور سميجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.