شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي سڀاڻي ٻڌڻي

لاهور(م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز  ريفرنس جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر اڱاري تي ڀاڻي ٿيندي. عدالتي حڪم تي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز شريف پيش ٿيندا. احتساب عدالت جي جج ذوالقرنين اعواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي.

ملڪ ۾ دالين جي اگهن ۾ نومبر دوران گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ دالين جي اگهن ۾ نومبر دوران گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي شمارياتي اداري موجب نومبر دوران  مسور جي دال جي سراسري رٽيل قيمت 320.98 روپيه في ڪلو گرام رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا آڪٽوبر جي مقابلي ۾ 0.63 سيڪڙو گهٽ آهي، آڪٽوبر ۾ مسور جي دال جي سرسري رٽيل قيمت 323.01 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي هئي. نومبر ۾ مڱن جي دالن جي سراسري قيمت 276.47 روپيه رڪارڊ ڪئي ويئي جيڪا آڪٽوبر جي مقابلي ۾ 1.11 سيڪڙو گهٽ آهي.

نگران وزيراعظم ۽ گهرو وزير پاران خضدار ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ خضدار ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙين   بزدلاڻين ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.هوڏانهن نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڀارت ۾ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر 8 ماڻهو سڙي فوت

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب ڪار ۾ باه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ئي  ڪٽنب جا 8 ماڻهو سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب مقامي پوليس جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات اتر پرديش جي گادي واري شهرکان 276 ڪلو ميٽر پري اتر ۾ بريلي ضلعي جي ڀوجي پوره ويجهو پيش آيو .

تاريخي ايٽمي معاهدي جي بحالي فائديمند ناهي: ايران

تهران(م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالحيان چيو آهي ته عالمي طاقتن سان ٿيندڙ تاريخي ايٽمي معاهدي کي بحال ڪرڻ  جون ڪوششون جيڪي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ختم ڪيون ويون هيون، تيزي سان اڻ لاڀائتيون ثابت ٿي رهيون آهن. فرانسيسي خابرو اداري موجب ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالحيان تهران يونيورسٽي جي شاگردن کي پنهنجي خطاب ۾ ايٽمي معاهدي جي سرڪاري نالي جو استعمال ڪندي چيو ته اسان جيترو اڳتي وڌنداسين، گڏيل جامع پلان آف ايڪشن (جي سي پي او اي) اوترو ئي ناڪاره ٿي ويندو.

روسي صدر پيوٽن جو صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

ماسڪو(م ڊ) روسي صدر ولادي مير پيوٽن ملڪي قيادت جي لاءِ ايندڙ سال مارچ ڌاري ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو  آهي. روسي خابرو اداري موجب هن يوڪرين جنگ ۾ حصو وٺندڙ روسي فوجين کي اعزازن لاءِ ڪريملين ۾ منعقد تقريب کان پوءِ صدارتي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. پيوٽن 2000ع ۾ پهريون ڀيرو صدر چونڊيو ويو هو ۽ هو پنهنجي پنجين مدي جي لاءِ صدارتي ڊوڙ ۾ حصو وٺندو. چونڊجڻ جي صورت ۾ پيوٽن 2030ع تائين ان عهدي تي رهندو.

پاڪستان ۾ به انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد(م ڊ) دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به سمورن انسانن جي بنيادي حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آچر تي انساني حقن  جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن سال هن ڏينهن جو موضوع آزادي، برابري ۽ انصاف سڀني لاءِ آهي. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جو مقصد عالمي سطح تي انساني حقن کي برقرار رکڻ لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ايڪشن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

”گلگت  چين  حوالي ٿيڻ واري ڪوڙي خبر ، سرڪار طرفان ڪارروائي جو اشارو

ڪراچي (م ڊ) گلگت بلتستان 50 سالن جي لاءِ چين کي ڏيڻ تي غور، واري جعلي خبر تي نگران وفاقي وزير ايڪشن ۾ اچي ويو،  نگران  وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايڪشن وٺندي قانوني ڪارروائي جو اشارو به ڏئي ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا تي هڪ ڪوڙي خبر هلي رهي آهي جنهن جي سرخي ۾ لکيل آهي ته گلگت بلتستان 50 سالن جي لاءِ چين کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان جو سبب ملڪ جي معاشي حالت ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ ٻڌائي وئي آهي، اخباري خبر موجب چيني ٿنڪ ٽينڪ ان حوالي سان گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، معاهدو ٿيندي ئي فوج گلگت ۾ مقرر ڪئي ويندي، ٻئي پاسي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جعلي خبر جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سماجي رابطن واري ويب سائٽس ايڪس تي جعلي اخباري ڪٽنگ کي پوسٽ ڪندي تصديق ڪئي ته هي ڪنهن اخبار ۾ ناهي لڳي، جن ماڻهن جعلي خبر گهڙي يا ان ڪوڙي ڪٽنگ کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو آهي انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ سان حق نه ملندا: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ سان حق نه ملندا، انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته عملي جدوجهد جي ذريعي ئي حق ملي سگهن ٿا، هن چيو ته ڪشمير ۽ غزه سميت دنيا ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، پابندي ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان انساني حقن کان محروم سمورن ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.