بلاول کي پيءُ سنجيده نه ٿو وٺي، کيس جواب نه ڏينداسين : جاويد لطيف

شيخوپوره (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته هو بلاول جي ڳالهين جو جواب نه ٿا ڏين، جيڪڏهن سندس والد بلاول کي سنجيده نه ٿو وٺي ته پوءِ اسان ڇو ٿا؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ چيو ته ن ليگ اڄ به چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪري رهي آهي، آصف زرداري جڏهن ڳالهائيندو ته جواب به ڏينداسين، آصف زرداري پاڻ بلاول جي لفظن جي ترديد ڪري ٿو، پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني دور ۾ سنڌ جو ٻيڙو ٻڏي ويو. اليڪشن وڙهڻي آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهو. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جيڪا پارٽي حساس هنڌن تي حملا ڪري ٿي ان کي ليول پليئنگ فيلڊ جو حق ناهي، حساس هنڌن تي حملا ڪرڻ واري جماعت سياسي جماعت نه پر دهشتگرد آهي. جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته جيڪو به اليڪشن ۾ دير جو مونجهارو پيدا ڪري رهيو آهي اهو پاڪستان جو خيرخواهه ناهي، پنجاب ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ناهي ۽ نه ئي ڪا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.