لاهور (م ڊ) نواز ليگ طرفان آخر ڪار بلاول ڀٽو زرداري جي نواز شريف تي تنقيد جو جواب ڏنو ويو آهي، اڳوڻي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته بلاول کي اصل تڪليف اها آهي ته هن ڀيري انهن جي سنڌ ۾ آساني سان سليڪشن نه ٿيندي، پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ هميشه سليڪشن ٿي، ڪڏهن به ڪارڪردگي جي بنياد تي وڏو وزير ناهي ٿيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هن ڀيري شفاف اليڪشن ٿيندي جنهن جي حڪومت ايندي نواز ليگ ان سان گڏجي ڪم ڪندي، بلاول کي مستقبل ۾ سنڌ جي معاملن تي نواز ليگ سان ڳالهائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڇا نواز شريف جي چوڻ تي 9 مئي جو واقعو ٿيو هو، ان جو ڀاڻيجو فوج کي للڪاريندو رهيو، هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته ديسي ڪڪڙ کائي ان جو جيل ۾ دماغ خراب ٿي ويو آهي.