پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي هر دور ۾ عوامي سياست ڪئي آهي، هڪ سياستدان جيل مان نڪرڻ لاءِ ٻيو جيل کان بچڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي. ڪوهاٽ پارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي جا جيالا مشڪل وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي نمائندگي ڪندي آهي، سندس چوڻ هو ته ڪو تيار هجي يا نه، پيپلزپارٽي اليڪشن لاءِ سدائين تيار آهي، اسان جو مقابلو سياستدانن سان ناهي صرف غربت ۽ مهانگائي سان آهي، پيپلزپارٽي هر دور ۾ غربت سان مقابلو ڪيو، هن چيو ته منهنجو مقصد صرف عوام لاءِ چونڊ وڙهڻ آهي، نفرت، انتقام ۽ انا جي سياست ختم ڪري خدمت جي سياست ڪرڻي پوندي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس ۾ سمورا ذميوار عوام جا ڏوهاري آهن، بلاول ڀٽو چيو ته اسان مزدورن کي حق پهچائڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيا آهوين، اسان چاهيون ٿا ته صحت جي مفت سهولت هر گهر ۾ هجي. عوام ساٿ ڏنو ته پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهيندي. بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو پورو ڪنداسين، اسان شهيد محترمه جو خواب پورو ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري جڏهن سي پيڪ جو بنياد رکيو ته ان جي پويان هڪ مقصد هو جڏهن هي راهداري ٺهندي ته اسان ان جي شروعات پٺتي پيل علائقن سان ڪنداسين، دهشتگردي سبب متاثر علائقن جي غريب عوام کي سڀني کان پهرين فائدو ڏينداسين پر لوئر دير کي سي پيڪ کان ٻاهر رکيو ويو، .