واشنگٽن ( م ڊ ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا ۾ جنگ بندي بابت گڏيل عرب امارات جي قرارداد کي انساني بنياد تي ويٽو ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جاري رکڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اسرائيل کي وڌيڪ گولا بارود وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪانگريس جي جائزي کان سواءِ اسرائيل کي 14,000 وڌيڪ اينٽي ٽينڪ گولن جي وڪرو جي منظوري ڏني آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته 10 ڪروڙ 65 لک ڊالرن جي ماليت جي 14 هزار ٽينڪ گولن جي وڪري بابت آمريڪي ڪانگريس کي آگاهي ڏني وئي آهي. وڏي ڊيل تحت، آمريڪا اسرائيل کي 45 هزار گولن جي فراهمي ڪندو.