غزا معاملي تي سلامتي ڪائونسل مفلوج آهي: گڏيل قومون

دوحه ( م ڊ ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته کيس افسوس آهي ته سلامتي ڪائونسل غزا جي پٽي ۾ جنگ  ندي جو مطالبو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. قطر جي دوحه فورم کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس سلامتي ڪائونسل ۾ ڌڙابندي جي مذمت ڪئي جنهن عالمي اداري کي ”مفلوج“ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيو اسٽريٽجڪ ورهاڱي سبب سلامتي ڪائونسل مفلوج ٿي وئي آهي، جنهن ڪري 7 آڪٽوبر کان جاري غزا جنگ کي روڪڻ لاءِ ڪو حل ڳولڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته جنگ بندي جي قرارداد جي ناڪامي سلامتي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پهتو پر هو غزا ۾ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جي مطالبي کان پوئتي نه هٽندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.