اسلام آباد(م ڊ) ايشيائي ترقياتي بينڪ هماليه ۽ هندوڪش واري خطي ۾ گليشيئرز جي ڳرڻ واري عمل کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لحاظ کان مناسب بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ وقت سر سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري هڪ تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل منفي اثرن جي حوالي سان بروقت قدم ضروري آهن. بروقت سيڙپڪاري سان هندوڪش ۽ هماليه جي خطي ۾ موسمياتي مناسبت جو درست تعين ٿي سگهندو. رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين جي ڪري هماليه ۽ هندوڪش جا گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن جنهن جي ڪري وڏي پيماني تي آبادي لاءِ پيئڻ ۽ آبپاشي جي مقصدن لاءِ پاڻي جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي.