اسرائيل جي بمباري، وڌيڪ 297 فلسطيني شهيد،انگ 18 هزار کان وڌي ويو

غزا(م ڊ) اسرائيلي جهازن خان يونس، رفح، بيت لحيا تي بمباري ڪري 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 297 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا،انگ 18 هزار کان وڌي ويو،49 هزار ماڻهو زخمي آهن،شهيدن ۾ 8 هزار  فلسطيني ٻار به شامل آهن، خان يونس، رفح، بيت لاهيا جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن ۽ هزارين فلسطيني اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن.ٻئي طرف اسرائيل فلسطينين کي جبري بي دخل ڪرڻ واري منصوبي تحت خان يونس علائقو خالي ڪرائڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي.ان کان علاوه اسرائيلي حملن جي ڪري خوراڪ جو بحران به سنگين ٿي ويو آهي، جڏهن ته غزا تائين امداد ۽ تيل جي پهچ به نه هجڻ جي برابر آهي.گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي (UNRWA) چيو آهي ته اسرائيل جو منصوبو غزا مان فلسطينين کي مصر ڏانهن ڌڪڻ آهي. اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جي تباهي ان منصوبي جو پهريون قدم هو،هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊهانوم چيو ته اسرائيلي ڪاررواين سبب غزا جي صورتحال بهتر ڪرڻ عالمي اداري لاءِ ممڪن ناهي،سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران جنگ بندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.