ڪراچي : اسرائيلي دهشتگردي خلاف وائيٽ ڪوٽ مارچ، ڊاڪٽرن جو وڏو انگ شريڪ

ڪراچي ( رپورٽر ) والاريل فلسطين جي علائقي غزا تي اسرائيل جي رياستي دهشتگردي سان مهاڏو اٽڪائيندڙ فلسطيني عوام ۽  ڊاڪٽرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڪراچي جي اسٽيڊيم روڊ تي وائيٽ ڪوٽ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران صحت واري وزير سنڌ سعد نياز، نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان معراج الهديٰ، جماعت اسلامي ڪراچي جي امي حافظ نعيم الرحمان، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي نگران صحت واري وزير سعد نياز چيو ته فلسطين ۾ جاري بمباري ۽ دهشتگردي مذهب کان وڌيڪ انسانيت جو مسئلو آهي، اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ ايمبولينس تي حملن مغربي تهذيب کي هلائڻ وارن جو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. حافظ نعيم چيو ته حماس ننڍي جماعت آهي پر هو مضبوط عقيدي سان اها جنگ وڙهي رهيا آهن، حماس ٻڌايو ته مزاحمت ۾ زندگي آهي، 7 آڪٽوبر تي اسرائيل کي جھٽڪو لڳو، اسرائيل جي سموري ٽيڪنالاجي ناڪام ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.