لنڊن ۾ برسات باوجود لکين ماڻهن جو فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف مظاهرو

لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ برسات ۽ سخت ٿڌ باوجود لکين ماڻهن طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين  لنڊن جي واپاري مرڪز کان پارليامينٽ اسڪوائر تائين مارچ ڪيو ۽ چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي جي قرارداد تي آمريڪا جو ويٽو ڪرڻ ۽ برطانيه جو غيرحاضر رهڻ شرم جي ڳالهه آهي، برطانيه ظالمن بدران مظلومن جو ساٿ ڏئي، مظاهرين اهو به واضح ڪيو ته جنگ بندي جي حمايت نه ڪندڙن کي نه وسارينداسين ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ ذريعي انهن کان بدلو وٺنداسين، ٻئي پاسي برطانيه جي بادشاهه چارلس جي سامهون اچي عورت  فلسطينين جي حق ۾ نعرا هنيا، شاهه چارلس ڌيان ڏنو ته عورت فلسطين آزاد ڪيو ۽ جنگ بند ڪريو جا نعرا هنيا جنهن تي برطانوي بادشاهه عورت جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي پر عورت خاموش نه ٿي، واضح رهي ته اسرائيلي جارحيت ۾ هن وقت تائين 18 هزار جي ويجهو فلسطيني شهيد ۽ 45 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، اسرائيلي طرفان غزه تي وڌيڪ بمباري جاري آهي.

پاڪستان فلسطين معاملي تي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي: طاهر اشرفي

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي خاص نمائندي ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين  علامه طاهر اشرفي چيو آهي ته فلسطين جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، پاڪستان فلسطين جي معاملي تي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، پاڪستان جو فلسطين تي موقف واضح آهي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته او آءِ سي ماضي جي ڀيٽ ۾ اتحاد وڌيڪ بهتر آهي، او آءِ سي جي ڪوششن سان ئي 13 ووٽ هڪ طرف ٿيا آهن، عارضي جنگ بندي به ٿي اها به او آءِ سي جي ڪوششن سان ٿي، هن چيو ته اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن آهي، هن چيو ته نگران وزيراعظم پاڻ او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن او آءِ سي ۾ اسرائيلي ڏوهن جي جاچ لاءِ ٽربيونل جي قيام جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته اسرائيل ظالم ملڪ آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جا اسرائيل سان لاڳاپا ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.