نيب،ايف آءِ اي،محتسب جهڙا ادارا ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ويا: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

اسلام آباد  ( م ڊ ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پنهنجو نيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2023 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته عدليه پاڪستان جي ٽن ڪرپٽ ترين ادارن مان هڪ آهي. رپورٽ موجب پوليس سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي، ٻئي نمبر تي ٺيڪيداري ۽ ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جڏهن ته شعبو عدليه ٽيئن نمبر تي آهي. تعليم ۽ صحت جا شعبا ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين ڪرپٽ شعبن ۾ آهن. مڪاني حڪومتون، لينڊ ايڊمنسٽريشن  ۽ ڪسٽم، ايڪسائيز ۽ انڪم ٽيڪس بالترتيب ڇهين، ستين ۽ اٺين نمبر تي ڪرپٽ ادارا آهن. پبلڪ سروس ڊليوري جي شرطن موجب عدليه ۾ رشوت جي سراسري قيمت 25 هزار 846 رپيا آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سراسري رشوت خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ هئي ۽ 1 لک 62 هزار روپين تائين هئي. پنجاب ۾ شهري سڀ کان وڌيڪ 21 هزار 186 رپيا رشوت پوليس کي ڏني. جڏهن ته بلوچستان ۾ صحت جي سهولتن لاءِ سراسري طور تي 1 لک 60 هزار رپيا رشوت ڏني وئي. اين سي پي ايس 2023 موجب، 68 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جهڙن ادارن کي سياسي شڪار لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سروي موجب 60 سيڪڙو پاڪستاني قومي سطح تي محسوس ڪن ٿا ته احتساب جي ادارن جهڙوڪ نيب، ايف آءِ اي، اي سي ۽ محتسب کي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي بد عوانين جي خاتمي ۾ ناڪام ٿيا آهن. ملڪي سطح تي 75 سيڪڙو شهرين جو خيال آهي ته خانگي شعبي ۾ تمام گهڻي طاقت ۽ اثر رسوخ آهي، جنهن جي ڪري ڪرپشن ٿئي ٿي. 36 سيڪڙو شهرين جي اڪثريت جو خيال آهي ته ڪرپشن خلاف ادارن جو ڪردار ”غير اثرائتو“ رهيو آهي.قومي سطح تي ڪرپشن جي وڏن ڪيسن ۾ 40 سيڪڙو ميرٽ جي کوٽ آهي. صوبائي سطح تي سنڌ ۾ 42 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه ۾ 43 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 47 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي نه ٿيون ملن. پنجاب ۾ 47 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته بيوروڪريسي رياستي ادارن کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪندي آهي ۽ اهو ئي پاڪستان ۾ ڪرپشن جو بنيادي سبب آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدمن جي حوالي سان 55 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ آهي ته قومي سطح تي حڪومت کي فوري طور تي سرڪاري آفيسرن جا اثاثا انهن جي ويب سائيٽن تي ظاهر ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ 45 سيڪڙو جو خيال آهي ته احتساب عدالتن کي ڪرپشن جا ڪيس 30 ڏينهن اندر اڪلائڻ گهرجن. قومي سطح تي 47 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته پاڪستان جي ترقي کي روڪڻ جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي. 62 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته ڪرپشن ۽ غير اخلاقي عمل ماحولياتي تباهي جو سبب آهن ۽ ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي وڌائي رهيا آهن، 67 سيڪڙو اهو محسوس ڪن ٿا ته صوبائي ۽ مقامي حڪومتون ماحولياتي پاليسيون ٺاهڻ وقت انهن جي راءِ کي اهميت نه ٿيون ڏين. قومي سطح تي 76 سيڪڙو پاڪستانين ڪڏهن به معلومات جي حق جي قانون تحت درخواست ناهي ڏني. ٽي آءِ پي موجب گذريل 23 سالن ۾ 8 ڀيرا ڪرپشن پرسيپشن سروي ڪرايو ويو، جيڪو 2002، 2006، 2009، 2010، 2011، 2021، 2022 ۽ 2023 ۾ ڪيو ويو. اين سي پي ايس  2023 جو پرسيپشن ليول پاڪستانين جي تاثرات تي ٻڌل آهي. هي سروي 13 آڪٽوبر 2023ع کان 31 آڪٽوبر 2023ع تائين 16 سئو شهرن ۾ تنظيم پنهنجي پارٽنر تنظيمن جي سهڪار سان چئني صوبن ۾ ڪيو ۽ انهن مان هر هڪ صوبي جي 400 ماڻهن کان جواب حاصل ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.