مان زندهه لاش هئس، حراست ۾ موت آسان آپشن هو: عمران رياض

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪستان جي مشهور ۽ سينيئر صحافي عمران رياض خان جو چوڻ آهي ته سور ان وقت وڌيڪ ٿيندو آهي جڏهن ڪو پنهنجو ماريندو آهي. يوٽيوب پوڊ  ڪاسٽ کي ڏنل پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ عمران رياض چيو ته جڏهن مان اوهان کي پهرئين ڏينهن مليو هئين ته تون لاش وانگر هئين. عمران رياض کي سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي 9 مئي جي فسادن کان ٻه ڏينهن پوءِ گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو ظاهري طور تي ملڪ ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. کيس سيالڪوٽ جي ڪينٽ ٿاڻي ۽ سيالڪوٽ جيل منتقل ڪيو ويو ۽ 15 مئي تي پوليس عدالت کي ٻڌايو ته عمران رياض لکت ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو پوليس جي حراست ۾ ناهي رهيو. پهريون ڀيرو حراست بابت ڳالهائيندي عمران رياض خان چيو آهي ته ڪنهن به گمشدگي جائز نه آهي، قيد دوران الله سڀ کان وڌيڪ ياد آيو.مان انهن سڀني جو شڪر گذار رهندس جن منهنجي لاءِ آواز اٿاريو. هن چيو ته اميد هئي ته راڻا ثناءُ الله ڪجهه نه ڪري سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ گند نه اڇلائيندو، پر منهنجي ٽيم ڏسيو هو اوهان خلاف پروپيگنڊا جو حصو به بڻيو. عمران رياض موجب راڻا ثناءُ الله ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ٽيم سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اهي سياسي بيان هئا، ڪاوڙ نه ڪئي وڃي. راڻا ثناءُ الله چيو ته مان ڪمزور هئس، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه نه هو. سڀني چينلن کي منهنجي صلاح آهي ته فلحال مون کي نوڪري نه ڏيو. سوشل ميڊيا جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته سموري ڊائنامڪس تبديل ٿي وئي آهي، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، سوشل ميڊيا جن آهي ختم نه ٿيندي، ان لاءِ قانون ٺاهڻا پوندا، توهان کي ذميوار بڻائڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.