سنڌ جون زمينون پيون کسجن،سوال اٿارڻ تي ماڻهو کنڀجي رهيا آهن:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران تقريب، کنڀي گم ڪرڻ، سنڌ جي زمينن کي لٽڻ، اظهار راءِ جي آزادي نه هجڻ، ميڊيا جي خاموشي، مزدورن جي حقن تي ڌاڙن، مهانگائي ۽ انساني حقن بابت اڳواڻن جون سخت تقريرون. تفصيل موجب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان  ڪراچي ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي توڙي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي.اسد اقبال بٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي مرڻ، علاج نه ملڻ، کنڀي گم ڪرڻ تي چپ ويهڻ، گٽر جو پاڻي پيئڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته جيستائين اسان متحد ناهيون تيستائين ظلم برداشت ڪرڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار رهو، حڪومت پاڻ ٿي چوي ته 9 هزار ماڻهو گم ٿيل آهن، ڪنهن به عدالت ۾ طاقت ناهي ته رياست خلاف ڪم ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري، جمهوريت جاگيردار، وڏيري ۽ ڀوتار لاءِ موت آهي اهي نه ٿا چاهين ته ڪنهن هاري جو پٽ ايم پي اي، ايم اين اي ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته صحافي چوندا آهن پنهنجي تقريبن ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڳالهھ نه ڪيو اسان نه هلائي سگهنداسين. هن چيو ته آءُ سنڌ جو پٽ آهيان، سنڌي اهو ناهي جيڪو سنڌي ڳالهائي ۽ سنڌين خلاف ڪم ڪري پر سنڌي اهو آهي جيڪو ڪنهن به زبان سان تعلق رکي پر سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سچائي سان ڪم ڪري. هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته زمين به اسان جي پاڻي به اسان جو استعمال ڪري ٻاهريون ڪمپنيون فصل ڪنديون؟ اهو فائدو نه پر وڌيڪ تباهي آهي ان تي سنڌ جي ماڻهن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو تقريب کي خطاب ڪندي سورٺ لوهار چيو ته انساني حقن جي ڏينهن تي اسان کي گهرجي ها ته انساني حقن جو هڪ وڏو جنازو ڪڍجي ها ۽ دنيا کي ڏيکارجي ها ته هي انساني حقن جو جنازو آهي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ جا ماڻهو پنهنجا حق گهرڻ تي کنڀي گم ٿا ڪيا وڃن. هن چيو ته سي ٽي ڊي ۽ ٻيا ادارا اسان تي دهشتگردي جا ڪوڙا الزام هڻي ڪيس ٿا داخل ڪن پر لاهور جي جلسن ۾ گڏيل قومن پاران دهشتگرد ڊڪليئر ٿيل حافظ سعيد سرعام شامل ٿئي پيو.ناصر منصور تقريب ۾  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ مزدور آهن جن ۾ 95 سيڪڙو مزدور بغير ويج بورڊ جي ڪم ڪن پيا، رياست عام ماڻهو کي آئين ۾ ڏنل سهولتن تي به عمل ڪو نه پئي ڪري، سبسڊي غريب کي ڏيڻ بدرانِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ، سول بيوروڪريسي ۽ اشرافيه طبقي کي ڏني وئي آهي جنهن سبب ملڪ جو ڏيوالو ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 17 ارب ڊالر اليٽ ڪلاس کي سبسڊي ڏئي، غريب مٿان بجلي، گيس ۽ پيٽرول بم ڪيرايو پيو وڃي، رياست جي انهن مسئلن تي جيڪڏهن ماڻهو ڳالهائي ٿو ته ان کي گم ڪري چيو پيو وڃي ته اهي غدار آهن، ان معاملي تي عدالتون، پارليامينٽ ۽ ٻيا ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.ڊاڪٽر سيد واصف خطاب ڪندي چيو ته جنرل ضياء جي دور ۾ ڪوڙا هڻي زخمي ڪيو ويندو هو ۽ هڪ بدبخت ڊاڪٽر نس چيڪ ڪري چوندو هو هن کي وڌيڪ ڪوڙا لڳي سگهن ٿا، هڪ صحافي جيڪو کنڀجڻ بعد ڳالهائي نه ٿو سگهي، ماڻهو سافٽ ويئر اپڊيٽ جو لفظ استعمال ٿا ڪن جيڪو انتهائي غلط لفظ آهي. هن چيو ته ٽارچر جو اثر نه رڳو ان شخص پر سندس خاندان ۽ معاشري تي به پوندو آهي. هن چيو ته رت جا ڌٻا ته فوج ڌوئيندي آهي جيئن محترمه بينظير ڀٽو جي قتل وقت ڌوتا ويا.سارنگ جويو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جبري لاپتاماڻهن جو سلسلو  وڏي عرصي کان جاري آهي، 73 واري ڏهاڪي ۾ اسد مينگل کي گم ڪيو ويو، 80 واري ڏهاڪي ۾ شاگرد عبدالله مگسي کي ماري سندس مڙهه تي  ڊرل مشين سان سنڌو ديش لکي اڇلائي ڇڏيو، 2017 کان اهو سلسلو تمام تيزي سان وڌي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، پشتونخوا ۽ ٻين علائقن مان به کنڀيل ماڻهو آهن، سنڌ ۾ جڏهن آءُ جبري گمشدگي جو شڪار ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو ته مونکي به گم ڪيو ويو، فلمن ۾ درندگي جي انتها ڏيکاري ويندي آهي پر حقيقت ۾ کنڀي گم ڪيلن سان ان کان به وڌيڪ حشر ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري ذهني ٽارچر ڏنو ويندو آهي جنهن سبب 90 سيڪڙو ماڻهو چريا ٿي ويندا آهن.قاضي خضر چيو ته مسنگ پرسنس جو مسئلو وڏي عرصي کان هلندو پيو اچي، بلوچستان ۾ هر ٻيو گهر جبري گمشدگي جو شڪار آهي، ڪنهن جو ڀاءُ ته ڪنهن جو پيءُ گم آهي، کنڀي گم ڪيلن ۾ استاد، شاگرد، قومي ڪارڪن ۽ اهي سڀ ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي حقن لاءِ سوال ڪندا هئا، مسعود جنجوعا 18 سال اڳ فوجي حڪومت هوندي کنڀجي ويو، عائشا مسعود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو والد مشرف جو مخالف ۽ سويلين بزنس مين هو جنهن کي کنڀي گم ڪيو ويو، منهنجو ننڍپڻ پنهنجي والد جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي ڊي چوڪ تي گذريو آهي، کنڀي گم ڪيلن ۾ نه رڳو سنڌي پر بلوچ، اردو ۽ پشتون سميت ٻين قومن جا ماڻهو به شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به شهري کي کنڀي گم ڪرڻ غير قانوني عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ته اسان جي تنظيم ۾ 15 سئو ڪيس رجسٽرڊ آهن، جن مان ڪجهه کي ڇڏي ڏنو ويو آهي، ڪجهه کي ڪوڙي مقابلن ۾ ماريو ويو آهي ۽ ٻيا لاپتا آهن. هن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو آواز کڻي اجاڳر ڪيو، اڄ اوهان آواز نه اٿاريو ته سڀاڻي توهان کي به کنڀيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.