راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمريڪا روانو ٿي ويو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سرڪاري دوري تي آمريڪا روانو ٿيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي حيثيت سان جنرل عاصم منير جو هي پهريون آمريڪا جو دورو آهي. ترجمان موجب آرمي چيف آمريڪا جي اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.