اسرائيل ۽ آمريڪا دنيا جي راءِ کي لتاڙي رھيا آھن.جنھن ڪري وھندڙ انساني رت جو بند ٿيڻ گھڻو مشڪل بڻجي ويو آھي. گڏيل قومن، ايمنسٽي انٽرنينشنل ۽ دنيا جي ٻين ملڪن توڙي ادارن جي راءِ کي نظر انداز ڪندي آمريڪا اسرائيل کي ھٿيار وڪرو ڪري رھيو آھي ۽ وري اسرائيل عام شھرين توڙي صحافين کي موت جي ننڊ سمھارڻ تي بضد آھي.دنيا کي تھذيب ۽ انسانيت جو سبق سيکارڻ جي دعويٰ ڪندڙ آمريڪا عالمي سطح تي انساني رتوڇاڻ کي ھٿي ڏيڻ ۾ سڌي ريت ملوث آھي.تازو ھن عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي اسرائيل کي فلسطين مٿان وڌيڪ حملن ڪرڻ جي لاءِ ھٿيار فراھم ڪيا آھن.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ انساني بنيادن تي غزا ۾ جنگبندي بابت متحدا عرب امارات جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو. نھ رڳو ايترو پر ان کانپوءِ آمريڪا معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جاري رکڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اسرائيل کي وڌيڪ گولا بارود وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو.آمريڪي صدر جو بائيڊن پنھنجا ھنگامي اختيار ڪتب آڻيندي ڪانگريس جي جائزي کان سواءِ اسرائيل کي 14 ھزار وڌيڪ ٽينڪ جا گولا وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس کي آگاھ ڪيو ويو تھ اٽڪل 10 ڪروڙ 65 لک ڊالر جي ماليت جا 14 هزار ٽينڪ جا گولا وڪرو ڪيا ويا آھن.آمريڪي پرڏيھي کاتي موجب آرمز ايڪسپورٽ ڪنٽرول ۾ ھنگامي صورتحال ۾ حاصل رعايت جي تحت اسرائيل کي هٿيارن جي فوري ضرورت آهي.تنهن ڪري وڪري واري معمول جي ڪانگريس جي جائزي کان بھ ان عمل کي آجو قرار ڏنو ويو آھي.
برطانوي خبر ايجنسي مطابق آمريڪا طرفان اسرائيل کي ٽينڪ شيلز جو وڪرو 50 ڪروڙ ڊالرن جي وڏي ڊيل جو حصو آهي. جنهن لاءِ بائيڊن انتظاميا ڪانگريس کان منظوري گهري هئي.وڏي ڊيل تحت آمريڪا غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي لاءِ مقرر ڪيل اسرائيلي ميرڪاوا ٽينڪن لاءِ اسرائيل کي 45 هزار گولا فراهم ڪندو.آمريڪي پرڏيھي کاتي جي اهلڪار جو چوڻ هو ته آمريڪا، اسرائيلي حڪومت تي زور ڏئي ٿو ته هو عالمي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ شهرين کي جيترو ٿي سگهي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪري، پر اسرائيل کي گولن جو وڪرو دراصل اسرائيل جي پنهنجي بچاءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي.آمريڪي پرڏيھي وزير اينٿوني بلنڪن، ڪانگريس جائزي کان سواءِ اسرائيل کي 14 ھزار کان وڌيڪ ٽينڪ گولن جي وڪري جو جواز پيش ڪندي ڪانگريس جي ميمبرن کي ٻڌايو ته اسرائيل کي ٽينڪ گولن جو فوري وڪرو آمريڪي قومي سلامتي لاءِ انتهائي اهم هو.
برطانوي خابرو اداري موجب تحقيق ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته غزا ۾ صحافين کي مارڻ لاءِ اسرائيل جي مارڪيوا ٽينڪ به استعمال ٿي آھي.ياد رهي ته ھن کان اڳ ايمنسٽي انٽرنيشنل غزا ۾ شهرين جي قتل عام ۾ آمريڪي هٿيارن جي استعمال جو انڪشاف ڪيو هو.ايمنسٽي انٽرنيشنل جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ھو ته غزا ۾ 2 گهرن تي اسرائيلي حملن ۾ آمريڪي جو ٺاهيل بارود استعمال ڪيو ويو.انساني حقن جي عالمي تنظيم موجب 13 آڪٽوبر تي 2 گهرن تي بمباري ۾ 43 شهري شهيد ٿيا هئا.ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته غزا ۾ آمريڪي هٿيارن جا حملا جوبائيڊن لاءِ ويڪ اپ ڪال هجڻ گهرجي ۽ غزا ۾ شهرين تي حملن جي جنگي ڏوهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف غزا ۾ مارجي ويل شهرين جي انگ ۾ انتهائي اضافو ٿيڻ باوجود آمريڪا اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي تي نظرثاني جي امڪان کي به رد ڪري ڇڏيو ھو.
ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ٻن آمريڪي اهلڪارن جو چوڻ هو ته آمريڪي نائب صدر ڪمالھ هيرس سميت آمريڪي قيادت غزا ۾ عام شهرين جي جاني نقصان کي گهٽ کان گهٽ رکڻ بابت اسرائيل تي زور ڏنو ھو.بھرحال اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جي فراهمي تي نظرثاني جو ڪو به امڪان ناهي.هن چيو ته آمريڪا اسرائيل جي مڪمل حمايت تي قائم آهي، جڏهن ته عالمي دٻاءُ باوجود اسرائيلي حڪومت پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.