ووٽ منھنجو، مرضي ابي جي!

تحرير: شوڪت علي جلباڻي 

چڀڙ جو پيءُ سائين وڏي جو ڪمدار رهي چڪو هو،جديد دور جي ڪري سائين وڏي هاڻ ڪمدار جي جاءِ تي پڙهيل لکيل ڪمدار يعني پرسنل سيڪريٽري رکي ڇڏيو ،ان ڪري چپڙ جو پيءُ (ڪمدار ) هاڻ ڪنهن جي ٻڌڇوڙ توڙي زمينن جو پاڻي چورائي، سائين وڏي جو هٿ ونڊرائڻ جي لائق نه رهيو هو.ڪافي سال پنهنجي ڪمداري جي ڪري سڄي راڄ ڀاڳ کي پنهنجي پٽڪي جي ور جي هيٺيان رکندڙ ڪمدار جو ( وڏي سائين جي دست شفقت کان محروم ٿيڻ کانپوءِ) ڳوٺ وارن وٽ به  دٻدٻو گهٽجي ويو،ھن جو گذرسفر به مشڪل سان ٿيندو هئو، ڪمدار  پنهنجي پٽ  چڀڙکي ڀر واري شهر مان مئٽرڪ ڪرائي هئي، ھن جي نوڪري جي لاءِ ڪيترائي دفعا سائين وڏي وٽ جتيون گسائيندو رهيو پرھر دفعوھو سائين وڏي وٽ پھچي ئي نه سگھندو  ھو ڇاڪاڻ  ته سائين وڏو هاڻ  ڳوٺ جو صرف  وڏيرو نه رهيو هو جيڪر ڪمدار  سان ملاقات آساني سان ٿئي ها پر سائين وڏو هاڻ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر سان گڏ حڪومتن جا مزا پڻ ماڻي وزير و مشير به پروٽوڪل به وٺِي  چڪو آهي.

تنھن ڪري اقتدار کانپوءِ به  پنھنجي رعب ۽ دٻدٻي کي برقرار رکڻ جي لاءِ سرڪاري توڙي نجي پروٽوڪول ھن جي اھم ضرورتن مان ھڪ ھو، اڳوڻي ڪمدار جي لاءِ حڪومت جي دوران سائين وڏي جي  پروٽوڪول کي ٽوڙي    ھن جي  ڊرائنگ روم ۾ پھچڻ ھڪ وڏي مشڪل جو ڪم ھو پرنيٺ ھڪ دفعي سائين وڏي جي ڳوٺ آمد تي ڪمدار وڏي جفاڪشي سان وڃي ھن جي اوطاق واري ڊرائنگ ۾ پھتو ، جا جو ڏسي ته تر جا مير،پير ،امير، واپاري توڙِي سرڪاري اعليٰ عھديدار سڀ سائين وڏي جي  اوطاق کي رونق بخشيو بيٺا آھن .

بهرحال اڄوڪي ڏينھن ئي  وڃي هن جي حاضري لڳي ھئي ،سو پنهنجي پٽ چڀڙ جي نوڪري جي لاءِ عرض ڪيائين ته سائين وڏي هڪدم تعليمي قابليت واري  سوال سان گڏ پڇيائينس ته،  ڏي خبر ڪٿي تو واري  ڇوري  نوڪري جي لاءِ  ڪاغذ پٽ ڏنا آهن يا نه، ڪمدار ٻڌي پريشان ٿيو، چيائين ته  بابل سائين، اوهان کان سواءِ اسان جو ڌڻي سائين ٻيو ڪير آھي ڪنهن کي چونداسين !مٿي اللھ ته ھيٺ اوھان جو آسرو آھي وڏا سائين. سائين  وڏي نرڙ تي گهنج آڻي  اڌ پاسيرا لفظ ڪڍي  پرسنل سيڪريٽري کي حڪم ڏنو  ته ڪاغذ وٺيس ۽ ڊائري ۾  نالو درج ڪريس، ۽ رخي انداز ۾ ڪمدار کي چيائين ته ڪٿي پٽيوالو يا چوڪيدار لڳرائي ٿا وٺون پر ڪورٽ سڳوري ته پھرئين کان پنجين اسڪيل جي ڀرتي تي به پابندي ھڻي ڇڏي آھي. چپڙ جو پيءُ ڪمدار،  ڏي سوال وٺ جواب وارو ڪم ڪندي  وڏي سائين  جي قدمن ۾ ويھي ھن جي پيرن کي زور ڏيندي  چيائين :   بابل سائين جان جي امان گهران ٿو پٽيوالي يا چوڪيدار جي ڪهڙي پگهار آهي منهنجي پٽ کي پوليس ۾ لڳرائي ڏيو ته اسين بھ ڪي ٺٺ ڪريون بابل سائين ، اسين  اڳئي اوهان جي ٻانهي جا ٻار آهيون، وڏيري  ڪاوڙ مان  اڳوڻي ڪمدار کي چيائين ته  پٽ تووارو مئٽرڪ جهڙوڪ ھن دور جو  اڻپڙهيو  وري انهيءَ لاءِ به  فرمائشون پيو ڪرين! ڪمدار پنھنجي عادت کان نه مڙيو ۽ اچي کٽي  کنيئس، حاضر محفل ۾ ويٺل هڪ ڍنگ واپاري  ڏانهن آڱر کڻندي  سائين وڏي کي ھٿ ٻڌي  چيائين،قبلا  سيٺ صوف جو پٽ وري ڪهڙو پڙهيل لکيل هو، سڄو ڏينهن پيو گھٽيون ماپيندو هئو ۽ ھر ويندڙ نياڻي سان ڇيڙ ڇاڙ پيو ڪندو ھو  پر پوءِ  تو  مال ٺپڻ واري کاتي ۾ نوڪري وٺي ڏنس ،هاڻ ته  نوٽن تي نوٽ پيو ٺاهي! ان کان پھرئين جي ڪمدار وڌيڪ وڏي سائين  جي ڪچي ڪري  ته پڙهيل لکيل ڪمدار پنھنجي پگھار حلال ڪندي  ھڪدم پروٽوڪول وارن کي اشارو ڪري ، اڳوڻي ڪمدار کي چڱا خاصا ڌڪا ڏيئي گهر وارو گس وٺرايائنس.

ڪمدار کي احساس ٿيو ته حساب جي هيرڦير تي جهڙي ريت هو مسڪين هارين سان، سائين وڏي  کي لاڀ ڏيڻ يا وري ووٽ وٺڻ لاءِ ونگارِ وھندو ھو  تھڙي ريت  اڄ قدرت واري کائنس اهو ئي انتقام ورتو آهي سياڻا چوندان آھن ته ھي دنيا مڪافات عمل آھي اوھان جو ڪيل اوھان کي ھت واپس ضرور ملندو آھي ،ڪمدار ڌوڙ ٿيل پٽڪو لڪائي جڏھن گهر پهتو ،شرمندگي سان پٽ کي آسرو ڏنائين  ته سائين وڏي چيو آهي ته جلد ٿا چڀڙ جي نوڪري جو بندوبست ڪريون، ائين  ئي نگران حڪومت جو عرصو گذري ويو ته  مٿان اچي وري عام اليڪشن جو هُل ٿيو، هن چونڊن ۾ سائين وڏي سان گڏ سائين ننڍو به  سياست جي  ميدان ۾ پير پائڻ وارو آھي .

ڪائونسلر جي چونڊ کان وزير و مشير بڻجندڙ وڏيري جا اھي سڀ ڪرتوت جن ۾ اڳوڻو ڪمدار پنھنجن توڙي ڳوٺ وارن سان ڪيل زيادتين ۾ اڳڀرو ھو تنھن ھن ڀيري مھاڏو اٽڪائڻ جي لاءِ سندرا ٻڌي ورتا ، ، نامزدگي فارمن جي جمع ڪرائڻ جو وقت آيو مختلف اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا،سائين وڏي جي تڪ  مان ھيٺين سيٽ جي لاءَ  ڪمدار جي پٽ چڀڙ به پنهنجو فارم جمع ڪرائي ورتو ، سائين وڏو جنهن کي يا ته فڪسڊ مئچ کيڏڻ جي يا وري بنا مقابلي ڪاميابي ماڻڻ جي عادت  بڻجي چڪي هئي تنھن جي ھاڻ ننڊ حرام ٿي چڪي ھئي پر اقتدار جا چسڪا ۽ رک رکا ڪھڙي ڪم اچڻو آھي، ميڙمنٿ، پيسن جو پاور استعمال ڪبوجيڪرمڃي تھ ٺيڪ نه ته ٻڌڇوڙ ڪرائبي پاڻھي اچي مخالفن سان گڏ ڪمدار ۽ سندس پٽ به گوڏا کوڙيندا..

اڄ کان تقريبن ڏھاڪو سال کن پھرئين ھڪ اڳوڻي وڏي وزير جي پراڻي ڪمدار سان ڪچھري ٿي ته ھن پنھنجي سائين وڏي جي تعريف ھن ريت ڪئي ته جڏھن سائين وڏو وزير ٿيو ته پھريون دفعو تر ۾ آيو ته نوڪريون پئي ورھايائين مون کي پوليس جي جمعداري جو آرڊر پئي ڏنائين مون صاف انڪار ڪيومانس تنھن تي قبلا سائين وڏي مسڪرائي چيو ته ڀلا توکي ڇا کپي ڪمدار؟ ته ان تي مون سائين وڏي کي فرمائش ڪئي ته مان ڪڏھن ان ھيليڪاپٽر ۾ ناھيان ويٺو سو مون کي ان جو سير ڪرايو ، سائين وڏي اباڻي ڳوٺ کان راڄڌاني تائين پاڻ سان گڏ ويھاري  مون کي ساڻ ڪري وٺي ويو پر مون کي واپسي جو ڪرايو پڻ ڏنائين ، آئون ان ڪمدار جي ڪيل وڏي سائين جي تعريف ۽ سندس سادگي تي  بلڪل به حيران  نه ٿيس نه وري ھن جي ڳالھين  مون کي  پريشان ڪيو ھو،  ڇو  ته وقت جي ڪلينڊر تي تاريخ  ۽ سال توڙي  نئي صدي جو انگ ته  ضرور چڙھيو آھي پر عوام جون حالتون اھي ئي آھن،  سوشل ميڊيا کان قومي چينلن تي ھلندڙ احتجاجن جو ٿورڙو جائزو وٺبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته  عوام کي شعوري طور تي  ننڍڙن بنيادي مسئلن جي ور چاڙھيو ويو آھي   پيئڻ جي پاڻي، گٽرن ،نالن،مھانگائي، چوري چڪاري،ڦرن ۽ ڌاڙن  وارا معاملا ئي اسان جي سوچن جو محور آھن ، بلڪل ڪمدار جيان جيڪڏھن اسان کي خيال يا گھر ٿيندي به  وڌ ۾ وڌ سرڪاري نوڪري جي.

ملڪ ۾ ھلندڙ ليول پلئينگ فيلڊ جون ڳالھيون ملڪي تاريخ ۾ نيون ناھن پر  اقتدار جي ڦرندڙ تخت تي گذريل 76 سالن کان نسل در نسل ساڳيون ئي طاقتون قابض آھن،آڱرين تي ڳڻجن جيترا خاندان ،شخصيتون عھدا ئي ھميشه فيصلا ڪندا رھيا آھن ۽ خبر ناھي ته ڪيسيتائين ڪندا رھندا پر عوام جي ھڪ ڏيکاءُ ۽ ڀرم جي  رک رکاءُ جي لاءِ ميلو مچايو ويندو آھي جنھن ۾ نچڻ ،ڪڏڻ،وڙھڻ ،مرڻ مارڻ جو ڪم عوام پنھنجو پاڻ ڪندو آھي . عوام جي حصي ۾ صرف ٺلھا نعرا ۽  بريانين جي پليٽن تي جھمر ايندا آھن  انکان وڌ عوام گھري به ڇا ٿو!!!

مايوسي گناھ آھي تبديلي جو خواب ڏسڻ به تبديلي ڏانھن ھڪ وک ھجي ٿي پر ملڪي تاريخ ۾ جھڙي ريت حڪمران طبقي عوام جي ذھنن کي مفلوج بڻايو آھي انھي جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪنھن تاريخ ۾ ملندو ھجي ،اسان وٽ  صداقت ۽ ديانت جون صندون راتون رات ورھايون وينديون آھن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ پنھنجين عورتن  ڊگھي قطارن ۾ لڳائي  ڌڪا  ٿاٻا کارائي ، پنھنجي جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت جي گھر ڪرڻ جي بدران  منرل واٽر جو بندوبست ڪري، گلاب جي گلن جي ورکا سان  ريڊڪارپيٽ وڇائي سلامين جي عادي  قوم وٽ ڪنھن قسم جو ڪو به اختيار ناھي ھوندو ، رسمن رواجن ۽ ريتن ۾ جڙيل قومون نه پنھنجا فيصلا ڪرڻ جي قابل ھونديون آھن  نه وري اڳئين نسلن کي فيصلن ڪرڻ جي لاءِ خودمختيار بڻائينديون آھن ،اول ته ووٽ جي بي توقيري توڙي ان جي ڪمزوري  جو احساس قوم کي بخوبي آھي پر تنھن باوجود چونڊن جي ميلي ۾ اسين روايتي ملاکڙي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جا حامي رھيا آھيون، ان ڪري لکيل آئين جي ڳالھه ڪجي يا وري کڻي  روايتن جي اسان وٽ ٿيندو اھو ئي آيو آھي جيڪا مرضي ابي (والد) جي ھوندي آھي،پاڪستاني سياست ۾ حاڪمن کي چونڊڻ توڙي ملڪ بدر ڪرڻ جا فيصلا اھي ”ابا“ ئي ڪندا رھندا آھن. ڳوٺن جي چڱ مڙسي جي پڳن جا ور ھجن يا تخت و تاج جي سپردگي،  عام رعايا جو ان ۾ ڪو به عمل دخل ناھي ھوندو. ضروري ناھي ته اسين رت جي رشتي واري ”ابي“ جا ايڏا فرمانبدار ۽ ان کان ئي ڀوَ کائيندا ھجو،مارڪيٽ ۾ ھلندڙ توڙي  سائين وڏي جيان مٿان مسلط ٿيندڙ ”ابن“ جھڙا ابا پنھنجي ملڪ ۾ گهڻي انگ ۾ ملن ٿا  ،سائين وڏو ميڙ منٿ ڪري اچي يا وري پوليس کان ٻڌرائي ڦيهھ ڏياري ،چوري چڪاري ڪرائي يا نوڪري وٺرائي يا ڦرائي سڀ ڪجهه  ”ابي جي مرضي“ موجب ئي ٿيندو آھي ،ووٽ  ڀلي منھنجو ھجي پر انھي تي مرضي ۽ آڱوٺو به ابي جو ئي ھلندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.