زنده قومن جي بقا علم جي روشني ۾ آهي، علم ذريعي ئي قومون زنده رهي ڪري دنيا ۾ طاقت ۽ ترقي حاصل ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائي سگهن ٿيون، اسان وٽ هن وقت جيڪو حال اسان جي قوم ۽ سرزمين سان آهي، ان جو به وڏو ڪارڻ جهالت آهي,وڏيرڪو يا سرداراڻو سسٽم يا ڪامورڪي نظام کي هٿي به جهالت جي ڪري ئي ملي ٿي، جڏهن علم نه هئڻ سبب ماڻهن جا ذهن محدود سوچ رکندڙ هوندا آهن تڏهن انهن کي سولائيءَ سان غلاماڻو چولو پارائي سگهجي ٿو، پوءِ ئي اهو ماڻهو امن امان لاءِ به خطرناڪ بڻجي وڃي ٿو، ٻئي طرف سماجي روين ۽ نا انصافين ڪري به ذهن محدود ٿي ناڪاري سوچن جي ور چڙهي ماحول لاءِ به ايذائيندڙ فرد بڻجو وڃن، اصل سبب علم کوٽ آهي جنهن تي. اسان ۽ اسان جي اعلي اختيارين جو ڪوبه ڌيان ڪونهي، اسان وٽ صحمتمند تعليم، صحتمند ماحول صحتمند معاشري، صحتمند سوچ جي تمام وڏي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري اسان جو معاشرو بيمار ذهن ٺاهي رهيو آهي.
ورلڊ بينڪ جي سروي موجب پاڪستان جا ٻار دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڇو؟ ڇا اها سوچ بيمار سوچ ناهي؟ اسانجو معاشرو بيمار ناهي؟ اسان وٽ ٻارن جي حقن لاءِ به ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ڇا ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ٻارن جو تعليم پرائڻ جو حق ناهي؟ ان جو وڏو سبب معاشي مجبوريون ۽ علم جي اهميت کان اڻ واقفيت آهي، معاشي مجبورين سبب ماڻهو ننڍڙن ٻارن کان به پورهيو ڪرائڻ تي مجبور آهن، پوءِ جتي هو ڪم ڪن ٿا، ڇا اتي جو ماحول اهڙو صاف سٿري سوچ رکندڙ هوندو جو هڪ صحتمند فرد جو صحتمند ذهن ٺاهي سگهي، چوندا آهن ته ٻار مڇ جو وار، ٻار پنهنجي آسي پاسي جي ماحول مان سکيا حاصل ڪندو آهي جڏهن ان کي هڪ سٺي ۽ سگهاري روشن سوچ رکندڙ فرد تربيت ڏيندو ته بلڪل اهو ٻار معاشري جو ڪارآمد فرد ٿيندو پر جيڪڏهن ٻار کي جاهلاڻو ، غلاماڻو ۽ مجرماڻو ماحول ۽ سوچ ملندي ته اهو ٻار به معاشري لاءِ سٺو فرد ٿي نه سگهندو.
اسان وٽ هونئن به مسلسل ڌارين جون لوڌون اچڻ ۽ هر ڪاروبار کان وٺي هر اداري، ملن، ڪارخانن هر جاءِ تي اهي قابض آهن نه صرف اهو پر ٻين قومن جي اچڻ سان گهڻ پاسائو ٿيڻ ڪري اسانجي ماحول ريتن رسمن رهڻي ڪهڻي ۾ به فرق آندو آهستي آهستي آيلن جي سوچ به هتي جي پرامن. ماحول ۾ پکڙجي وئي ۽ مختلف ذهن جنم وٺڻ لڳا، جنهن سنڌ جي پرامن صاف سٿري انسان دوست ماحول تي پنهنجا اثر ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيا، منشيات، هٿيارن جي ڀرمار ڪري ڏوهن کي هٿي ملڻ لڳي جنهن جو فائدو وڏيرڪي سسٽم کي ملڻ لڳو، جنهن اهڙن ذهنن جي سرپرستي شروع ڪري ڏني، ٻي طرف تعليمي ادارن جي تباهه حالي ڪرپشن ۽ سفارشي ڀرتين تعليم کي زيرو ڪري ڇڏيو آهي.
اسان جا اڄ جا ٻار دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين، ارتقائي ترقي ۽ سائنسي تعليم کان به گهڻي حد تائين ناواقف آهن، هڪ سٺي والدين جو فرض آهي ته پنهنجي ٻار کي بهترين ۽ جديد تعليم کان واقفيت ڪرائن ۽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن، پر اسان وٽ معاشي سگھه ۽ تعليم مهانگي هئڻ سبب به اهو لاڙو تمام گهٽ آهي، مٿان سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سهولتن جو نه هجڻ به وڏو نقصانڪار آهي، جڏهن اسان جي قوم تعليم يافته هوندي ته باشعور فرد ٺاهيندي سٺا تعميري ذهن ٺاهيندي، تڏهن ئي امن ٿيندو مجرماڻن ذهنن ۽ ماحول مان نجات ملندي ۽ هڪ بهترين قوم جڙندي ۽ زندهه رهي ترقي ڪري سگهندي.