موجوده دور ۾ سنڌ جي حالت اُن يتيم ٻار جهڙي ٿي وئي آھي، جنهن جي لاءِ پنهنجي ملڪيت، ڌن ۽ دولت مالي ۽ جاني خطرو بڻجي وئي هجي، سنڌ جي حالت به ماضي کان حال تائين انهيءَ يتيم ٻار جهڙي بڻجي وئي آھي، سنڌ جي تاريخ پڙھجي ٿي ته عربن کان انگريز جي دور تائين سنڌ تي ڪاھون انهيءَ مقصد جي خاطر ڪيون ويون ھيون ته سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽجي ۽ ڦرجي، پوءِ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، سنڌ جي زرعي ۽ معدني وسيلن کي لٽيو ويو، مال ملڪيت تي ڌاڙا ھنيا ويا، سنڌ جي نياڻين جي عصمت ڌري ڪئي وئي، سنڌي جي ماڻهن مٿان جابرانه ۽ قهري ڪاروايون ڪيون ويون، ھيءَ ته عربن کان انگريزن جي دورن تائين جي ھڪ تاريخي ڪهاڻي ھئي، پر سنڌ معاھدي تحت ھن ملڪ جو حصو بڻيو ھئي، پر انتهائي افسوس جوڳيءَ ڳالهه ھي آھي ته اڄ به سنڌ جي مٿان عربن ۽ انگريزن جي دور جهڙيون ھلائون ۽ ڪاھون جاري آھن، ھن ملڪ جي وفاقي تاريخ جا ورق گواھ آھن ته منظم سازش جي تحت ڌرتي ڌڻين جو زمينون ٻاھرين صوبن جي ماڻهن ۾ مال غنيمت طور ورھايون ويون، انعامن ۽ اڪرامن ۾ ڏنيون ويون، جڏھن ته حيرت جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته موجوده سنڌ جي نگران سرڪار پڻ سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ اثاثن کي مال غنيمت طور ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي اچي، قانوني ۽ آئيني طور تي جائزو وٺجي ته سنڌ جي نگران سرڪار کي اُھو ڪو به اختيار ئي ڪونهي، پر سنڌ جي نگران سرڪار آئين ۽ قانون کان ھٽي عجيب ۽ غريب فيصلا ڪندي رھي ٿي، جنهن ۾ سرفهرست ھيٺيان معاملا ۽ فيصلا آھن.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران سنڌ جو تاريخي ۽ قديمي ورثو، خوبصورت ۽ حسناڪين سان ڀرپور اثاثي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف فيصلو ڏيندي نه فقط ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو ھو، پر ھاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڪارونجهر کي قومي ورثو پڻ قرار ڏنو ھو، سنڌ جي نگران حڪومت پاران ھاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪرڻ جي بدران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، سوال ھيءَ آھي ته ڇا نگران حڪومت جو اُھو اختيار آھي ته اُھو سنڌ جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي نيلامي ڪري سگهي ٿي، يا انهن کي ليز تي ڏئي ڇڏي؟ ظاھر آھي ته ھن ملڪ جو آئين ۽ قانون سنڌ جي نگران صوبائي حڪومت کي اُھو اختيار نٿو ڏئي، پر حيرت جي ڳالهه ھيءَ آھي ته سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقبول باقر ” رٽائرڊ چيف جسٽس“ پڻ رھيو آھي، پر ملڪ جي آئين ۽ قانون کيس رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ايترو جلدي وسري ويو، جيڪي ڪم انهيءَ جي دائري اختيار ۾ نٿا اچن، ھو اُھي ڪم ڪرڻ لڳو آھي.
وفاقي ۽ صوبائيءَ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان سابق سنڌ حڪومت جا جيڪي ترقياتي ڪم ۽ اي ڊي پي جي اسڪيمن جا ڪم ھلندڙ ھئا، انهن سمون ڪمن تي پابندي لڳائي وئي ھئي، جڏھن ته پنجاب سميت باقي ٻين صوبن ۾ ترقياتي ڪم ھلي رھيا آھن، فقط سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن ۽ ڪمن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪيل فيصلي جي بابت سنڌ جي اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ طرفان پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، ھن انهيءَ فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي اعتراض واريو ھو، ۽ پنهنجي خدشن جو اظهار پڻ ڪيو، ھنن جو ھيءَ چوڻ ھو ته ٻين صوبن ۾ ڪم ھلندڙ آھن، سنڌ جي ترقياتي ڪمن تي پابندي لاڳو ڪرڻ زيادتي آھي، ھن چيو ته اسان ترقياتي رٿائن جا پيسا به رکي ڇڏيا آھن، پر پوءِ فنڊن کي خرچ ڪرڻ کان روڪيو ويو آھي، ٿيڻ ته اَئين گهرجي ھا ته وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن انهيءَ معاملي جو نوٽيس وٺي، ترقياتي رٿائن تان پابندي ختم ڪري ڇڏين ھا، پر انهيءَ جي ڳالهه جي ابتڙ ھن جي ڪن تي جونءُ به نه سري! اَئين لڳي ٿو ته ھنن جي لاءِ مڙي خير ٿيو، سنڌ حڪومت پاران ھلندڙ ترقياتي ڪمن تي پابندي لڳڻ کان پوءِ عوام کي کوڙ سارين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، روڊ رستن جا ھلندڙ ڪم بند ٿي وڃڻ کان پوءِ عوام جي لاءِ آزار ۽ مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آھن، ھڪ ته زمانا لڳي وڃن ٿا ته روڊ رستن جا ڪم ٿيندي، پر جيڪڏهن ٿين به ٿا ، ته اسان جي نگران حڪومت جي مهرباني سان پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي، پر آئون ھتي ھن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته سنڌ جو ٻيون سياسي، قومي ۽ مذھبي پارٽين طرفان وفاقي، صوبائي ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي مخالفت، تنقيد ڪرڻ جي بدران ھيءَ سوچي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي وئي ته ھن سان پ پ کي سياسي ۽ عوامي فائدو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن مخالفت ڪئي وئي ته پ پ کي نقصان ٿيندو، تنهنڪري ھن مسئلي تي خاموشي ئي اسان جي لاءِ بهتر ۽ ٺيڪ رھندي ۽ پوءِ ھنن چپ جو روزو رکي ڇڏيو.
سنڌ جي نگران حڪومت پاران ھڪ ٽيون عجيب ۽ غريب فيصلو ڪيو ويو آھي، سنڌ جي نگران حڪومت پاران سنڌ جي خالي پيل سرڪاري زمينون فوج جي قائم ڪيل ڪمپني کي جوائنٽ وينچر منصوبن جي لاءِ آلاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پهرين مرحلي ۾ 52713 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني وئي آھي، اُن سان گڏ اُھو به فيصلو ڪيو ويو ته آئنده جيڪا به زمين خالي ٿيندي، اُھا وفاقي ڪمپني کي ڏني ويندي، پهريون سوال ھيءَ آھي ته سنڌ جي نگران حڪومت اُھو ڄاڻايو آھي ته خالي پيل سرڪاري زمين منصوبن جي لاءِ آلاٽ ڪئي وئي آھي، جڏھن ته سجاول ضلعي سميت ڄاڻايل ضلعن جون ڪيتريون زمينون خالي ئي ڪونهي، جيڪي مقامي ماڻهن جي گذر معاش ۽ مالوند جي لاءِ کاڌ خوراڪ جو ذريعو بڻيل آھن، ٻيو سوال آھي ته ڇا نگران حڪومت کي ھيءَ اختيار آھي ته ھو صوبائي زمين ڪنهن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪمپني کي نيلام يا ليز تي ڏئي سگهي ٿي؟ نگران حڪومت کي ڪو به اختيار ئي ڪونهي ته صوبي جي ماڻهن جو زمينون ٻئي ڪنهن ڪمپني کي نيلام ڪري ڇڏي يا ليز تي ڏئي، پر آئين ۽ قانون جي مطابق ته چونڊيل صوبائي حڪومت کي به اُھو اختيار حاصل ڪونهي، پر خبر ناھي ڇو! نگران وزيراعليٰ سابق چيف جسٽس مقبول باقر اهڙا ڪم ڪندي ھڪ لمحي جي لاءِ به نٿو سوچي ته ھن ڪم بابت آئين ۽ قانون ڇا ٿو چوي!! پر شايد ھو آئين ۽ قانون جي بابت سوچڻ جي بدران شاھه کان وڌيڪ شاھه سان وفاداري جو ثبوت ڏئي رھيو آھي.
جيئن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن پاران سموري ملڪ ۾ فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتن جو ھيءَ ڪم آھي ته ملڪ ۽ صوبي ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي تياري ڪن، حالانڪه نگران حڪومتن جو ڪم به اُھو ئي آھي ته اليڪشن جي تياري ڪرڻ ۽ انتظامي ڪاروھنوار جهڙو به آھي، اُن کي اليڪشن ٿيڻ تائين سنڀالي ھلائڻ آھي، پر سنڌ جي نگران حڪومت جي رويي ۽ طريقيڪار مان لڳي ٿو ته اُھا پاڻ کي اَئين ٿي محسوس ڪري ته ڄڻ ته ڪا چونڊجي آئي آھي، ۽ ھو جيڪا ڪم ڪري رھي آھي، آئين ۽ قانون اُن کي اجازت ڏئي ڇڏي آھي، سنڌ جي نگران حڪومت کي ھن غلطي فهمي ۽ خوشفهمي مان نڪرڻ گهرجي، ضرورت ھن ڳالهه جي آھي ته نگران حڪومت کي جنهن به ڪم جي لاءِ آندو ويو آھي، ۽ اُن کي اُھو ئي ڪم ڪرڻ گهرجي، آئين ۽ قانون تي عمل ڪندي سنڌ جي وسيلن، اثاثن ۽ زمينن سان ھٿ چراند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
تاريخي طور ثابت آھي ته وفاق سنڌ جي زرعي، معدني وسيلن، زمينن، اثاثن ۽ ورثن تي قابض رھيو آھي، ھو سنڌ جي زرعي ۽ معدني وسيلن مان گراھ ته کائي ٿو، پر سنڌ کي ان نظر سان ڏسي ٿو ته ڄڻ ته ٻئي ملڪ جو صوبو آھي، ھو اڄ به سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکيو اچي، سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي تي قبضو آھي، وسيلن ۽ زمينن قابض بڻيل آھي، ھو سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿا ته ڪڏھن سنڌ جي زمينن کي مال غنميت سمجهي ورھايو وڃي ٿو ۽ ڪڏھن انهيءَ جي زمينن کي نيلام يا ليز تي ڏنو وڃي ٿو، بهرحال! وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومت پاران سرڪاري زمينون ڪمپني کي ڏيڻ جي فيصلي خلاف سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي ڌرين سخت ڪاوڙ ۽ رنج جو اظهار ڪيو آھي، تنهنڪري نگران حڪومت کي گهرجي ته اُھو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ اثاثن سان ھٿ چراند کان پاسو ڪيو وڃي.
ڇا نگران حڪومت کي ھيءَ اختيار آھي ته ھو صوبائي زمين ڪنهن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪمپني کي نيلام يا ليز تي ڏئي سگهي ٿي؟ نگران حڪومت کي ڪو به اختيار ئي ڪونهي ته صوبي جي ماڻهن جو زمينون ٻئي ڪنهن ڪمپني کي نيلام ڪري ڇڏي يا ليز تي ڏئي، پر آئين ۽ قانون جي مطابق ته چونڊيل صوبائي حڪومت کي به اُھو اختيار حاصل ڪونهي، پر خبر ناھي ڇو! نگران وزيراعليٰ سابق چيف جسٽس مقبول باقر اهڙا ڪم ڪندي ھڪ لمحي جي لاءِ به نٿو سوچي ته ھن ڪم بابت آئين ۽ قانون ڇا ٿو چوي!!