ماڻهو تاريخ ٺاهين ٿا

تحرير: امتياز عالم

” ووٽ کي عزت ڏيو“ جي بيانيئي کي وڃائڻ بعد ميان نواز شريف کي سياست ۽ رياست جي معاملن ۾ سچ ۽ ڪوڙ کي جدا ڪرڻ جو خيال بھ تڏھن آيو آھي جڏھن سندس سياست جي  کير ۾ رڳو پاڻي ئي بچيو آھي ۽ ھاڻي پاڻي سر تان گذرڻ کان پوءِ ”نه رڳو حڪومت پر احتساب بھ گھرجي“ جو مطالبو ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪو کيڏڻ لاءِ چنڊ گھرندو ھجي اھو بھ  خالي ميدان ۾. جن کي خالي ميدان ڏيڻو آهي، اهي چنڊ ڇو حوالي ڪندا ؟  جيڪو ڪمند ميان صاحب کي تارن تي وجھڻو ھو،اھو ڪڏھوڪو ميان  صاحب ڀاءَ جي ھٿان  اڳ ئي ڪمانڊرن کي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. هاڻي نه بيانيئو رھيو آهي، نه ئي  عوامي حمايت!! بس مٿين قوتن جي سليڪشن بورڊ جي مرضي آهي ته  چونڊ جون سندون ڪيئن ورهائين، ڪيترن ۾ ڪيتريون ورھائڻيون آھن،مسلم ليگ ن پنهنجي سيڪريٽريٽ ۾ ويهي ائين ٽڪيٽون ورهائي رهي آهي جيئن ڪا حڪمران پارٽي ترقياتي فنڊ ورهائي ٿي. پنجاب جي هر تڪ مان ڏهه ڏھ  درخواست ڏيندڙ آهن، جن جي قسمت جو ڪڻو چونڊ نشان الاٽ ٿيڻ تائين ڳجهه ۾ رهندو، تھ جيئن محرومن جي فوج ظفر موج مخالف ڪيمپ ۾ نه ھلي  وڃي. ھونئن بھ ھاڻي ٽڪيٽن  جا فيصلا  آسمانن ۾ ٿيڻا آھن ۽ اهو اڃا فيصلو ٿيڻو آھي  ڪنھن کي ڪيتري اوقات ۾ رکڻو آھي. مسلم ليگ (ن) کي ڇا ملڻو، استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جو ڪيترو  حصو هوندو، آزاد پکي ڪيترا هوندا ۽ باقي بچيل سچيل ميدان  تحريڪ انصاف لاءِ آزاد مقابلي لاءِ کليل ڇڏڻو آھي يا نھ  اهو ايندڙ هفتن ۾پتو پئجي ويندو . سياست جي هن ڪنگالي ۾ 2017ع جي غير جمهوري سازش ۾ ملوث طاقتور ڪردارن جي احتساب جو خواب ڪنهن ديواني جي خوشفھمي کانسواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟  راءِ عامھ يا ته پراڻن زخمن جي وسريل ياد ۾ ڳوڙهن ڳاڙڻ يا وري نئين ستم جي مشق جي شڪار  مقبول ليڊر لاءِ آھھ ڀرڻ آهي؟ 17 مھينن جي شھباز حڪومت ۽ وري ايندڙ چونڊن جي لاءِ ن ليگ جي ق ليگ ٽائپ ڪايا پلٽ بعد ليگي سياست جي ھٿ ۾ رھيو ئي ڇا آھي.ن ليگ تھ ائين ويھي رھي آھي جئين  ”بس ڳالھه ٿي چڪي آھي ۽ وزارت عظميٰ پڪي آهي“. اهڙي صورتحال ۾ نھ عوامي حمايت بچي آھي نھ ئي وري ان جو ڪو رستو آھي. ھاڻي خالي خولي اجاين نعرن سان مئل سياست جي لاش ۾جان پوڻ واري ناهي. وچ ۾ ڪٿي پيپلز پارٽيءَ جي پراڻي چنگاري  چمڪي بھ ،تھ  آصف علي زرداري ان کي ڪيش ڪرائي جوابي دعويٰ ڪري  ڇڏي آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي بظاهر ڪو به خطرو نه هو ۽ اينٽي پيپلز پارٽي،مهاجر پنجابي اتحاد جي ڪوشش سان فقط نسلياتي ورهاست تيز ٿيندي، جنهن جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ئي ملڻو ھو. نوجوان بلاول ڀٽو جي تيز تراري جو جادو اڃا ڄميو نه هو ته پدري شفقت پسري اڏام جا پر ڪٽي ڇڏيا. ھاڻي ايوان پلينگ فيلڊ جي پڪار جو معاملو  شراڪتي چٽاڀيٽي ۾ تبديل ٿي ويو آھي. سٺا ٻار ٿيو! وڙھو نه ڪريو، گڏجي سڏجي کيڏو، متان ڪٿي زخمي ٽائيگر سڀني کي رتو رت نھ ڪري ڇڏي.

چونڊن جي 8  فيبروري تي ڪرائڻ بابت مونجهاري جي پويان عوامي حمايت جو اھو رپ جو پتو آھي،جيڪو لڳي ٿو ته جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي هٿ ۾اڃان بھ برقرار آهي. سموري سياسي ڇڪتاڻ،پرو عمران ۽ اينٽي عمران ٻڏتر (ڊليميا) جي چوڌاري گھمي رھي آھي. نه ڪا چونڊ مهم آھي، نه بيانيئن جي جنگ آھي ۽ نه عوامي ۽ قومي مسئلن تي ڪو بحث مباحثو.اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سمورن بحثن ۾ نالي کڻڻ تي پابندي جي باوجود عمران خان جي چوڌاري ڦري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي نرگسيت پسندن جي گولباري جي سامھون ڪو بھ ٽڪي نھ پيو سگھي.سموري چونڊ سياست وقت کان اڳ  چونڊن جي امڪاني شرطن جي اڳڪٿين تي ڌيان ڌريندي رھجي وئي آھي.

مطلب تھ عوام جي منشا ۽ ارادن بابت ڪجهھ نٿو چيو وڃي، جن بابت تجزيه نگارن جون ھوائي ڳالھيون مٽيءَ اُڏائڻ ۾ لڳل آهن. صحافي ڀائر، رڳو پنجاب ۽ پختون خواهه جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ۽ عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ جي ڪجھه تھ ڪوشش ڪريو، سڀ تجزيا ۽ دعوائون اڌوريون ئي رهجي وينديون. نوجوان نسل جو هڪ ديواني واري لھر آهي جيڪا 8 فيبروري جي ڪرشما سازي جي لاءِ بي چين آهي. مسئلو رڳو اهو ناهي ته عمران خان پنهنجي سمورين غلطين ۽ خامين جي باوجود ڪيترو مقبول آهي، پر مسئلو اهو آهي ته پراڻي دور جون خانداني پارٽيون ۽ انهن جون مستقل طور تي منجمند  شڪليون ڪيتريون غير مقبول آهن.راءِ عامھ بلوچستان ۾ تھ ڪڏھوڪي دفن  ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ اها ڀٽو ۽ بينظير جي رت سان  تاريخي طور تي مجنمند ٿي رھجي وئي آهي. جيڪڏهن ڪٿي اھا متحرڪ آھي تھ ھن وقت پهرين نمبر تي خيبر پختون خواهه ۾ آهي ۽ ٻئي نمبر تي پنجاب ۾، جتي اھا جڏهن ڀڙڪندي  ته سڀ ڪجهه وھائي کڻي ويندي. هاڻي سڄو پاڪستان ولاريل ڪشمير بڻجڻ  کان رهيو.

اسان تھ سياست ۽ صحافت ۾ اهو سکيو ھو  ته ماڻهن کان سکو (ضروري ناهي ته اهي هميشه درست بھ هجن).ان جي هڪ جھلڪ مون گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ مختلف عوامي هنڌن تي ماڻهن سان ميل ملاقات  ڪندي ڏٺي تھ حيران ٿي رھجي ويس تھ بس ھڪ ئي راءِ آھي جنھن کي قبوليت جي شرف جي ڪا پرواھ نھ آھي.

گذريل ڪجهه هفتن ۾ جيل مان عمران خان جي واحد بيان ھن جي آمريڪي سازش جي بيانيئي کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيو آهي.جنھن کي فلسطين ۾ وھندڙ خون آمريڪا مخالف جذبن کي نئيون ڀڙڪو بخشيو آهي ۽ سندس نوجوان پوئلڳن جو رت ميدان ۾ ڄمي بيٺو آهي، جيڪو ڪپتان جي اميد ڏيارڻ سان وري  گرم ٿي ويو آهي. جهڙي طرح  ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل تي اڄ سپريم ڪورٽ ندامت جو بار لاھڻ جي لاءِ  تيار ٿي آهي ۽ جهڙي طرح منصفين اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اقامي تي ڏنل سزا جو ازالو ڪندي شرمسار آهن، اهڙي طرح جيڪي ماڻھون ھر حالت ۾ عمران خان جي سائيفر جھڙي وائڙي ڪيس ۽ ٻين ڪيسن ۾ سزا ڏيڻ تي سندرو ٻڌي رھيا آھن اھي تاريخ ۾ شرمسار ٿيڻ جي لاءِ تيار رھن. هي ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جي هر مقبول ليڊر ۽ چونڊيل وزيراعظم کي ناانصافي جي سولي تي چاڙھيو ويندو رھيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جا وزيراعظم ملڪ جا وفادار نه آهن ته پوءِ ڪير آهي؟ هاڻي توھان ملڪ جي سڀ کان مقبول پارٽيءَ کي ميدان تان هٽائڻ يا ان تي چونڊ ميدان تنگ ڪرڻ لاءِ سوين حربا اختيار ڪري رھيا آھيون ان سان اليڪشن عمل ۽ ان جي نتيجن جي حصي ۾ ڪھڙو اخلاقي جواز بچندو؟  تحريڪ انصاف بيٽ جي نشان تي اليڪشن ۾ وئي ته، ڏسجو ڪيئن نئون نسل هر حلقي ۾ پراڻي نسل جي ناچ نچائي ٿي.جيڪڏھن بيٽ  بيلٽ پيپر تي نه رهي، ته به ميدان سجندو، شرط اهو آهي ته عمران خان چونڊن جي بائيڪاٽ جي غلطي نه ڪري. لڳي ٿو ته پختون خواهه تھ هٿن مان نڪري ويو آهي. ڀلي مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف ڪيترا به اتحاد ڪن يا بلاول ڀٽو ۽ ايمل ولي خان سيڪيولر بنيادن تي گڏ ٿي وڃن. رھيو پنجاب اھو في الحال سياسي سڪوت ۾ آھي جنھن جي تھھ ۾ لڪيل نوجوانن جي بيزاري ڇا رنگ ڏيکارندي، ان بابت ڪجهھ چوڻ مشڪل آهي.تاريخ بھ ڪهڙا ڪھڙا رنگ ڏيکاريندي آھي؟ ڇا پنجاب جو بيزار نوجوان جمهوري  رخ موڙي سگهي ٿو؟ ها! صرف ان شرط تي ته هو جمهوريت جو دعويدار بڻجي وڃي،  رڳو هڪ شخصيت جو پروانو نھ بڻجي! بس ھاڻي عوامي راءِ جي ڪرشمي سازي  جو انتظار آهي، ڇا ٿيندو ڪڏھن ٿيندو اھو  چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهھ ھوندي. ماڻهو تاريخ ٺاهين ٿا، ضروري ناهي ته جھڙو سوچيو ھجي اھڙي …

 

جهڙي طرح  ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل تي اڄ سپريم ڪورٽ ندامت جو بار لاھڻ جي لاءِ  تيار ٿي آهي ۽ جهڙي طرح منصفين اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اقامي تي ڏنل سزا جو ازالو ڪندي شرمسار آهن، اهڙي طرح جيڪي ماڻھون ھر حالت ۾ عمران خان جي سائيفر جھڙي وائڙي ڪيس ۽ ٻين ڪيسن ۾ سزا ڏيڻ تي سندرو ٻڌي رھيا آھن اھي تاريخ ۾ شرمسار ٿيڻ جي لاءِ تيار رھن. هي ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جي هر مقبول ليڊر ۽ چونڊيل وزيراعظم کي ناانصافي جي سولي تي چاڙھيو ويندو رھيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جا وزيراعظم ملڪ جا وفادار نه آهن ته پوءِ ڪير آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.