سپريم ڪورٽ ۾ آيل ذوالفقار علي ڀٽي جي تاريخي ڪيس جو پس منظر

تحرير: يوسف سيف

تاريخ اھڙي بي رحم آھي جو ان ۾ جيڪو ڪجھه بھ ماضي جي رڪارڊ ۾ اچي ٿو ان تي ڪو پردو نٿو رھي ۽ ان کي وائکو ٿيڻو پوي ٿو.ھڪڙا حادثا قدرتي طور ٿين ٿا، جن تي انسان جو ڪو گھڻوو اختيار نھ ھوندو آھي ٻيا اھڙي بھ حادثا ۽ واقعا تاريخ جي صفحن ۾ ڀريل آھن،جيڪي انسان جي نيتن ۽ ارادن جي نتيجن ۾ ٿين ٿا.

اھڙو ئي ھڪ واقعو اڄ کان لڳ ڀڳ 45 سال اڳ ھن ملڪ ۾ ٿيو ھو.غيرجمھوري قوتن جي قبضي بعد قانون جي آڙ ۾ ھڪ ھيرو کي موت جي سزا ڏني وئي ھئي.جنھن کي بعد ۾ عدالتي ٻولي ۾ عدالتي قتل قرار ڏنو ويو. ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ڪيس ملڪ جي اعليٰ عدليھ جي اڳيان آيو آھي. ان بابت ڪنھن راءِ جوڙڻ بجاءِ ان جو انتظار ڪجي ٿو تھ ملڪ ۾ لاڳو آئين موجب حلف کنيل اھم منصب تي فائز منصف ڪھڙو ٿا فيصلو ڪن.

پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو.لارجر بئنچ ۾ جسٽس  سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس امال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن علي رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ اپريل 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪيو هو. هي ريفرنس سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي بيان تي مبني آهي جنهن ۾ هن اعتراف ڪيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ اڳوڻي فوجي صدر جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت پاران دٻاءُ وڌو ويو هو. ان ريفرنس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ بدران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي هئي.سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار ڀٽو خلاف صدارتي ريفرنس تي 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، جن مان پهرين ٻڌڻي 2 جنوري 2012ع تي جڏهن ته آخري ٻڌڻي 12 نومبر 2012ع تي ٿي.

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 11 رڪني لارجر بينچ پهرين 5 ٻڌڻيون ڪيون. آخري ڪلاڪ ۾ 8 چيف جسٽس پنهنجو مدو پورو ڪري چڪا آهن ۽ ڪنهن به صدارتي ريفرنس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو خلاف صدارتي ريفرنس پنجن سوالن تي ٻڌل آهي. صدارتي ريفرنس جو پهريون سوال اهو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جي قتل جو ٽرائل آئين ۾ درج بنيادي انساني حقن جي مطابق هو.ٻيو سوال اهو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پاران ذوالفقار ڀٽو کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۽ سڀني هاءِ ڪورٽن تي آرٽيڪل 189 تحت عدالتي نظير جي طور تي لاڳو ٿيندو؟ جيڪڏهن نه ته ان فيصلي جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ٽيون سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ڏيڻ صحيح فيصلو هو؟ ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو تعصب نه هو؟چوٿين سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل موت جي سزا قرآني حڪمن جي روشني ۾ درست آهي؟ جڏهن ته پنجون سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڏنل ثبوت ۽ شاهدن جا بيان کيس سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي هئا ؟

ھي ڪيس ان شخص جي ڦاھي بابت آھي جنھن کي عوام جي وڏي اڪثريت اڄ پڻ ھيرو سمجھي ٿي.ذوالفقار ڀٽو جنھن پرڏيهي وزارت تان مستعيفيٰ ٿيڻ کانپوءِ ايوب خان ۽ سندس پاليسي تي شديد تنقيد ڪئي. هن سموري ملڪ جو طوفاني دورو ڪيو. هزارين ماڻهو هن کي ٻڌڻ لاءِ پهچندا رهيا. هو 21 جون 1967ع تي لاهور پهتو، جتي سندس شاندار آڌرڀاءُ ٿيو. ان دوران ايوب خان خلاف ماڻهن ۾ ڪاوڙ پئدا ٿي پئي ھئي.عوام ذوالفقار علي ڀٽي کي وڏي موٽ ڏني.

ذوالفقار علي ڀٽي 1967ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو ھو.هن سان بنگال جو ڪميونسٽ اڳواڻ، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن، باسط جهانگير شيخ ۽ ٻيا نوجوان پڻ گڏ هئا.مختصر ترين عرصي ۾ پ پ پ سموري پاڪستان ۾ مقبول ٿي وئي.ايوب خان تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو ھو. ايوب خان جي استعيفيٰ کانپوءِ جنرل يحيٰ خان آيو. جنهن 7 ڊسمبر 1970ع تي هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي عام چونڊون ڪرايون.

ذوالفقار علي ڀٽو عوام لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو بڻجي سامهون آيو. اوڀر پاڪستان مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 160 ۽ اولھ جي حصي مان پ پ پ 83 سيٽون حاصل ڪيون. جنهن کانپوءِ  سياسي بحران پئدا ٿيو،اصل والي وارثن اقتدار شيخ مجيب الرحمان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.تڪرار وڌڻ بعد شيخ مجيب الرحمان عليحدگي جو اعلان ڪيو.

پاڪستان جو اقتدار ڊسمبر 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي حوالي ٿيو. هو ملڪ جو صدر ٿيو ۽ صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. 1972ع ۾ هن 93 هزار جنگي قيدين کي آزادي ڏياري ۽ هندستان جي قبضي هيٺ آيل علائقا آجا ڪرايا. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي دور ۾ سياسي ۽ معاشي سڌارا آندا، جنهن ۾ 1973ع جو آئين جوڙڻ وارو اهم ڪارنامو پڻ شامل آهي.

هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽم بم جي اسڪيم تي به ڪم شروع ڪيو. سياسي ۽ معاشي سڌارن جي نتيجن ۾ 1977ع جي چونڊن ۾ٻيهر پ پ ڪامياب ٿي.پر غير جمهوري قوتن جي هشي تي مفاد پرست ڌرين چونڊ نتيجن کي قبولڻ کان انڪار ڪندي تحريڪ هلائي ان جو  فائدو وٺي جنرل ضياءَالحق 5 جولاءِ 1977ع  تي مارشل لا لاڳو ڪئي.

ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کي سندس مخالف محمد احمد قصوري کي قتل ڪرڻ لاءِ بڇ جي ڏوهه هيٺ جو ڪيس جوڙيو ويو.سپريم ڪورٽ پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي، تڪراري عدالتي فيصلي هيٺ هن کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي ڏني وئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.