چاهيان ٿو پي ايس ايل جو فائنل بابر جي ٽيم کٽي، پر لڳي ٿو ته حيدرآباد ڪم خراب ڪندي: شاداب خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان چيو ته مان چاهيان ٿو بابر ٽرافي کٽي، هو ويچارو ڊگهي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر حيدرآباد ڪنگز مين جنهن نموني کيڏي رهي آهي لڳي ٿو ته ڪم خراب ئي آهي.
جمعي ڏينهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پي ايس ايل سيزن 11 جي ٻئي ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد ڪنگز مين سخت مقابلي کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
حيدرآباد ڪنگز مين مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 186 رنسون ٺاهيون هيون، جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 187 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي 7 وڪيٽن تي 184 رنسون ٺاهي سگهي.
حيدرآباد طرفان فاسٽ بالر حنين شاهه آخري اوور ۾ 6 رنسن جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پڄائي ڇڏيو.
ميچ کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ”حنين شاهه کي الله تعاليٰ عزت ڏيڻي هئي سا ملي، هو ڊگهي عرصي کان انجري سان وڙهي رهيو هو جنهن کي الله تعاليٰ موقعو ڏنو.“
شاداب چيو ته انجري مان واپس اچڻ ڪو سولو ڪم نه هو، حنين هميشه فائٽ ڪئي، هن پوري ليگ ۾ غير معمولي بالنگ ڪئي.
شاداب خان چيو ته حيدرآباد ڪنگز مين جو سٺو مومنٽم بڻيل آهي، اسان جي ڊيٿ بولنگ ۾ بهتري جي ضرورت هئي، حيدرآباد جي فيلڊنگ به ڏاڍي سٺي رهي ۽ رنسون بچايائون.
هن چيو ته مون کان به سٺي هٽنگ نه ٿي سگهي، مومنٽم نه ملي سگهيو، حيدر علي مومنٽم ڏياريو پر ان کانپوءِ هو آئوٽ ٿي ويو، سٺي ڳالهه اها آهي ته ميچ جي ڪري سڀني انجواءِ ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته ”مان چاهيان ٿو بابر ٽرافي کٽي، هو ويچارو وڏي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيو آهي، حيدرآباد ڪنگز مين جنهن نموني کيڏي رهي آهي لڳي ٿو ته ڪم خراب ئي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.